پير شاھہ مراد

پير، شاھہ مراد: پير شاھہ مراد جو اصل نالو سيد محمد حسين شيرازي هو. هن 831ھہ/ 1427ع ڌاري جنم ورتو. هن جي ڄمڻ وقت سنڌ جو حڪمران ڄام سڪندر سمون هو. هن لاءِ روايتون آهن تہ ڄمڻ بعد هن اکيون نٿي کوليون، نيٺ شيخ عيسيٰ جي اچڻ بعد اکيون کُليس. اڳتي هلي هن شيخ صدرالدين ۽ شيخ عيسيٰ جي صحبت ۾ وقت گذاريو. هن جي هوندي سيد علي ثاني ڄائو ۽ هن کيس وڏي ڄمار جي دعا ڪئي هئس. هن ڪيترائي چِلا ڪٽيا ۽ رياضتون ڪيون ۽ معرف کان ٿيندي حقيقت جي منزل کي رسيو. هيءُ 62 سالن جي ڄمار ۾ 883 ھہ مطابق 1478ع ۾ وفات ڪري ويو. هن نيڪ بخت جي جنازي جي نماز تڏهوڪي سنڌ جي حڪمران ڄام نندي پڙهائي. هيءُ شيرازين جي قبرستان مڪليءَ ۾ دفن ٿيل آهي.


لفظ پير شاھہ مرادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1427.00.00  عيسوي

پير شاهه مراد 831هه/ 1427ع ڌاري جنم ورتو


1478.00.00  عيسوي

پير شاهه مراد 62 سالن جي ڄمار ۾ 883 هه مطابق 1478ع ۾ وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسين حقاني
سيد لطف علي شڪر الاهي ٺٽوي
حسن بانگو ڀاڻوٺي
عائشہ خاتون چنا
سيد لال شاھہ
ايوب خان
عبدالله چنا خانصاحب
علياڻي محمد ڄام
تاجو فقير اوٺوال
تسليما نسرين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون