پير شاھہ ’ڪوثر ‘:حاجي پير شاھہ ولد مھر شاھہ رضوي ساهپوٽو، ميين شاھہ عنايت جي اولاد مان هو. پهريائين ميرپورخاص کان چار ميل پري، سنگهڙيءَ لڳ، مڃري واھہ تي ويٺل هو، پر پوءِ لڏي وڃي عمرڪوٽ جي ديھہ هيدي ۾، هاڪڙي ڍوري جي ڪپ تي، پنھنجي زمين تي ويٺو. 1958ع ڌاري 85 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. هن ڪافيون، مداحون ۽ مولود چيا آهن. سندس چيل مداحن، مولودن ۽ ڪافين جو هڪ مجموعو 1916ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ 21 ڪافيون شامل هيون. شاعريءَ ۾ ’ڪوثر‘ تخلص ڪم آڻيندو هو.
1958.00.00 عيسوي
حاجي پير شاهه 1958ع ڌاري 85 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي