پير شيخ جيئو: شيخ جيئو'>پير شيخ جيئو ولد شيخ نعمت ﷲ شيخ بهاؤ الدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان ۽ سھروردي مشائخن ۽ برک بزرگن مان هڪ هو، پاڻ مڪليءَ جي وڏن اهل ﷲ مان هڪ آهي، ولايت ۽ عرفان جي ڪمال سبب ’چراغ ڪلي‘ جي لقب سان مشھور آهي، سنڌي ۾ شيخ جيئو مڪليءَ جو ڏيئو سڏيو وڃي ٿو، شيخ جيئو جي مزار مٿان بلند ديوارن جو مقبرو آهي، ڇت مٿان گنبذ آهن، ڏکڻ کان ڪاٺ جو داخلي دروازو آهي، مقبري ۾ اندر ڪافي قبرون آهن، جن مان ڏاکڻي طرف کان شيخ جي مزار ٻين کان ٿورو جدا آهي .