پير صالح شاھہ جو مدرسو
پير صالح شاھہ جو مدرسو: هي مدرسو پير صالح شاھہ اول بن احمد شاھہ تيرهين صديءَ ۾ راڻيپور ۾ شروع ڪيو، سيد ابو محمد شاھہ ثاني ولد غلام محي الدين شاھہ جيلاني (وفات 1935ع) ۽ آخوند ڇٽي ڄامڙي هن مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي، مولانا محمد لغاري پڻ هن مدرسي ۾ پيرن جي صاحبزادن کي تعليم ڏني.