پير ضياءُ الدين شاھہ راشدي: تحريڪ آزاديءَ جو نامور سياسي اڳواڻ پير ضياءُ الدين شاھہ راشدي ولد پير رشدالله شاھہ راشدي 27 رجب 1304ھہ مطابق 20 جون 1887ع تي ڳوٺ پير جهنڊي، تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد (هاڻي مٽياري) ۾ ڄائو. پنھنجي ڳوٺ واري مدرسي دارالرشاد مان مولانا عبيدالله سنڌيءَ، مولانا نجم الدين، مولانا محمد صاحب احمداڻي، مولانا عبدالله لغاري ۽ حافظ امين محمد ڪڇيءَ کان پڙهي دستاربند ٿيو. سندس والد جي وفات کان پوءِ ڀائرن جا پاڻ ۾ گادي نشينيءَ تـان اختـلاف ٿي پيـا، جنهنـڪـري هـو پنهـنجـي زمين تي ڳوٺ نٿو ڪيريي تعلقي سڪرنڊ ۾ وڃي رهيو، هن ڪجهہ وقت کان پوءِ مدرسي لاءِ حڪومت کي درخواست ڪئي، جنهن 1937ع ۾ سندس ئي حق ۾ فيصلو ڏنو، ان کان پوءِ هو واپس پنھنجي ڳوٺ جهنڊي ۾ اچي گادي نشين ٿيو ۽ مدرسي کي نئين سر تعمير ڪرائي علم جو فيض جاري رکيائين. سياسي تربيت پنھنجي والد ۽ پنھنجي استاد ۽ انقلابي اڳواڻ مولانا عبيدالله سنڌيءَ کان حاصل ڪيائين، جڏهن ’خلافت تحريڪ‘ جو آغاز ٿيو تہ نہ صرف ان ۾ عملي شرڪت ڪيائين، پر خلافتي عالمن طرفان جاري ڪيل ڪيترين فتوائن جي تصديق بہ ڪيائين، ان کان سواءِ تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ مالي مدد پڻ ڪيائين. تحريڪ خلافت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ پير صاحب ’جمعيت العلماءِ‘ ۾ شموليت ڪري وطن جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي، هن بيت الحڪمت جي درس مان فيضياب ٿيڻ سان گڏوگڏ ’جمنا، نربدا، سنڌ ساگر پارٽيءَ‘ ۾ شريڪ ٿي پنهنجون سياسي سرگرميون جاري رکيون.
پير صاحب 15 فيبروري 1957ع تي وفات ڪئي.
1887.06.20 عيسوي
پير ضياءُ الدين شاهه راشدي 27 رجب 1304هه مطابق 20 جون 1887ع تي ڳوٺ پير جهنڊي ، تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو
1957.02.15 عيسوي
پير صاحب 15 فيبروري 1957ع تي وفات ڪئي