پير عالو (ڳوٺ): هي ڳوٺ وارھہ تعلقي ۾ قديمي ماڳ جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. هن ڳوٺ ۾ عالو نالي هڪ سنڌي سورهيه جي قبر آهي جيڪو سمن جي دور ۾ ارغونن سان وڙهندي شھيد ٿيو هو. عالو شھيد ذات جو بجيراڻي چانڊيو هو، جنهن جي نالي سان هتي ڳوٺ آباد ٿيو.