پير عالي

پير عالي: پير عالي حضرت شيخ بھاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هو. ترخاني عھد 962ھہ بمطابق 1554ع کان 1000ھہ بمطابق 1591ع ۾سفر ڪندي ٺٽي اچي پهتو. تحفة الڪرام جي روايت آهي تہ: پاڻ سيد علي ثاني شيرازيءَ جي باغ ۾ وڻ هيٺان اچي ويهي رهيو. شام جو مالهي کوھہ مان ڏاند ڇوڙي گهر هليو ويو. ليڪن پير عاليءَ جي نظر ڪرم سان، نار پوءِ بہ هلندو رهيو ۽ پوري رات باغ کي پاڻي ايندو رهيو. سيد عليءَ 981ھہ بمطابق 1573ع) تائين اها حقيقت پهتي، تہ هو راز سمجهي ويو ۽ پاڻ هلي اچي پير عاليءَ وٽ پهتو. ٻنهي هڪ ٻئي کي ڏٺو، هڪ ٻئي کي پرکيو ۽ گهڻي دير تائين پاڻ ۾ رهاڻ ڪندا رهيا. پير عالي ان کان پوءِ ڪيڏانهن بہ نہ ويو ۽ مستقل رهائش ٺٽي ۾ اختيار ڪيائين، شادي بہ ڪيائين جنهن مان کيس چار فرزند ٿيا. (1) ابو محمد، (2) صالح محمد معروف فاضل محمد، (3) ولي محمد ۽ (4) محمد فاضل. پهريان ٽي پٽ سندس جيئري ئي جھان ڇڏي ويا، چوٿون پٽ محمد فاضل کانئس پوءِ مسند تي ويٺو ۽ هڪ ڪامل بزرگ ٿيو. هن بزرگ سيد عليءَ جي پٽ سيد جلال سان ساڳي ميٺ ۽ محبت قائم رکي، جهڙي سندس بزرگن جي وچ ۾ هئي. سيد عليءَ جو انتقال 981ھہ بمطابق 1573ع ۾ ٿيو. ترخانن جو دور 962 ھہ بمطابق 1554ع کان شروع ٿئي ٿو. ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ پير عالي، سيد علي جي وفات کان اڳ ڪي سال هتي آيو هوندو. امڪان آهي تہ ميرزا عيسيٰ جي ابتدائي دور ۾آيو هجي.
پير عاليءَ جي وفات جي سال جي بہ ڄاڻ نہ آهي. هڪ دستخطي بياض ۾ سندس وصال جو سال 998ھہ بمطابق 1589ع ڄاڻايل آهي، جيڪو سال ترخان دور جي آخري ڏينهن جو آهي. ميرزا جاني بيگ ان وقت حاڪم هو ۽ هڪ سال کان پوءِ يعني 999ھہ بمطابق 1590ع ۾ اڪبر بادشاھہ سنڌ مٿان ڪاهي آيو. مڪليءَ تي جنهن هنڌ سندس قبر آهي، انهيءَ جاءِ تي عبادت ۽ رياضت جو آستان هو، قبرستان هن وقت ويران نظر اچي ٿو ۽ هي آستان مڪلي قبرستان جي ڏاکڻي حصي ۾ آهي، عيدگاھہ کان هڪ ميل اولھہ طرف اچبو تہ پهريون ميڪرا ڍنڍ جو هيٺاهون پيٽ نظر ايندو، ان کان ٽپي مٿي اچبو تہ ميڪرا ڍنڍ جي ڪنڌيءَ کان اولھہ طرف قبرستان آهي. ڍنڍ قبرستان جي اتر کان شروع ٿي اوڀر کان ٿيندي ڏکڻ ۾ وڃي ڪلان ڪوٽ واريءَ ڍنڍ سان ملي ٿي. قبرستان جي ايراضي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، ڏکڻ کان داخل ٿبو تہ پهريون حصو ايندو، جنهن ۾ مسافرن، زيارتين ۽ ميلي وارن لاءِ ڪچيون اوطاقون ورانڊن جي نموني ٺهيل آهن. وچ تي ڪشادو اڱڻ آهي، جنهن ۾وڻ هيٺان پاڻيءَ جا مٽ رکيا آهن. اوڀارن ۽ اولاهن ورانڊن کي وچ تان سنهي گهٽي هڪ ٻئي کان جدا ڪري ٿي. اها گهٽي لنگهي ٻئي حصي ۾ داخل ٿبو، جيڪو حصو قبرستان جو آهي. جيئن گهٽيءَ مان ٻاهر ٿبو تہ سامهون هڪ ڪچي ٿلهي تي ڪيترين قبرن جي وچ ۾ پير عاليءَ جي قبر نمايان نظر ايندي. جيڪا ڪچي آهي ۽ پڪين سرن جي ٽوٽن ۽ پٿر جي ٽڪرن سان ڍڪيل آهي. چيو وڃي ٿو تہ ڪچيءَ قبر ٺاهڻ لاءِ خود پير صاحب جو پنهنجو حڪم هو، تنهنڪري قبرستان جون سڀئي قبرون اهڙيءَ طرح ڪچيون آهن. ساڳيءَ ريت ٿلهو بہ ڪچو آهي.
مڪليءَ جي جنهن جاءِ تي پير عاليءَ جي قبر آهي اتي ئي سندس آستانو هو، اتي هر جمعي رات سماع جي محفل ٿيندي آهي .


لفظ پير عاليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو