پير عبدالحئي نقشبندي: پير ميان عبدالحئي نقشبندي نوشهري فيروز وارو، پير شھاب الدين ’سير ڌڻيءَ‘ جو فرزند هو. ’سير ڌڻي‘ جي وفات کان پوءِ سلوڪ جي مسند تي ويٺو. پاڻ وڏو روحانيت جو صاحب، ولي ڪامل ۽ تصوف ۾ يگانو عالم ۽ خدا پرست هو. نادر شاھہ ايرانيءَ جي حملي وقت پاڻ ننڍيءَ عمر جو هو. نادر شاھہ، نوشهري فيروز تي حملو ڪري اچي شھر کي لٽيو هو. پير عبدالحي انهيءَ ظالم جي فوجين کي اکين سان ڏٺو هو. پاڻ جوانيءَ ۾ جهوڪ ميران پور جي مشھور بزرگ پير فضل ﷲ قلندر جو مريد ٿيو. سندس روحاني منزلون اعليٰ هيون. سنڌ جو مشھور صوفي شاعر فقير خوش خير محمد هيسباڻي سندس معتقد ۽ مريد هو. علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي هن بزرگ جي باري ۾ لکي ٿو تہ: ”مخدوم عبدالحئي ڪامل بزرگن مان هو. وڏو زاهد، تقويٰ وارو. متشرع ۽ گوشه نشين بزرگ هو. ذڪر خدا جي فيض جو صاحب هو. سندس مريدن ذڪر مان گهڻو نفعو پرايو آهي. هيءُ بزرگ نقشبندي طريقي جو هو.“