پير عبدالحئي نقشبندي: پير ميان عبدالحئي نقشبندي نوشهري فيروز وارو، پير شهاب الدين ’سير ڌڻيءَ‘ جو فرزند هو. ’سير ڌڻي‘ جي وفات کان پوءِ سلوڪ جي مسند تي ويٺو. پاڻ وڏو روحانيت جو صاحب، ولي ڪامل ۽ تصوف ۾ يگانو عالم ۽ خدا پرست هو. نادر شاهه ايرانيءَ جي حملي وقت پاڻ ننڍيءَ عمر جو هو. نادر شاهه، نوشهري فيروز تي حملو ڪري اچي شهر کي لٽيو هو. پير عبدالحي انهيءَ ظالم جي فوجين کي اکين سان ڏٺو هو. پاڻ جوانيءَ ۾ جهوڪ ميران پور جي مشهور بزرگ پير فضل الله قلندر جو مريد ٿيو. سندس روحاني منزلون اعليٰ هيون. سنڌ جو مشهور صوفي شاعر فقير خوش خير محمد هيسباڻي سندس معتقد ۽ مريد هو. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي هن بزرگ جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”مخدوم عبدالحئي ڪامل بزرگن مان هو. وڏو زاهد، تقويٰ وارو. متشرع ۽ گوشه نشين بزرگ هو. ذڪر خدا جي فيض جو صاحب هو. سندس مريدن ذڪر مان گهڻو نفعو پرايو آهي. هيءُ بزرگ نقشبندي طريقي جو هو.“