پير علي بخش شاھہ ’علڻ ‘ ڀٽائي: پير علي بخش شاھہ عرف علڻ سائين ولد پير لطف علي شاھہ ، ڀٽ شاھہ جو رهاڪو هو . سندس نسب جو سلسلو حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليہ السّلام سان ملي ٿو ، سندس مسند نشيني 1899ع/1900ع ۾ ٿي ، ابتدائي تعليم بعد فارسيءَ ۾ بہ چڱي مهارت حاصل ڪيائين . پاڻ نهايت بااخلاق ، باتهذيب ۽ فقير صورت هو ، ننڍي هوندي کان ئي فقيريءَ ڏي لاڙو رکندڙ هو . هن جا رات ۽ ڏينهن خاص عبادت الاهي لاءِ وقف ڪيل هئا ، هر جمعي جي رات ، شاھہ جي راڳيندڙ فقيرن سان گڏ پاڻ بہ راڳ ڳائيندو هو .
سندس وصال 14 محرم 1352ھہ/ 18 مئي 1933ع ۾ ٿيو .
1933.05.18 عيسوي
پير علي بخش شاهه جو وصال 14 محرم 1352هه/ 18 مئي 1933ع ۾ ٿيو