پير غلام جيلاني شاھہ نورائي

پير غلام جيلاني شاھہ نورائي: جيلاني شاھہ نورائي'>پير غلام جيلاني شاھہ نورائي، 10 مئي 1946ع تي درگاھہ نورائي شريف ضلعي حيدرآباد ۾ سيد زين العابدين شاھہ جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ عربي، فارسي پڙهي فاضل بڻيو ۽ ديني خدمت ڪرڻ لڳو. سندس والد زين العابدين شاھہ پنھنجي دؤر ۾ لاڙ پٽ جو مشھور شاعر ٿي گذريو آهي، سندس ”زينل“ تخلص هو. جيتوڻيڪ هن جيلاني خاندان جو مرڪز اصل درگاھہ نورائي شريف ضلعي حيدرآباد ۾ آهي پر پير غلام جيلاني 1984ع ۾ درگاھہ نورائي شريف تان هجرت ڪري، مڪلي ضلعي ٺٽي ۾ ”خانقاه عاليه قادريه جيلانيھ“ جيلاني هائوس مڪليءَ جو بنياد رکي، اتي ذڪر اذڪار، فڪر فيض ۽ علمي ادبي محفلون مچايون. سندس مريدن جو وڏو حلقو آهي پاڻ سنڌ جي مشائخن کي گڏ ڪري، ديني اصلاحي ڪم جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن وقت پاڻ جمعيت مشائخ اهلسنت سنڌ جو سرپرست اعليٰ آهي ۽ پاڻ بھترين شاعر بہ آهي. سندس سعيي سان خانقاھہ عاليه قادريه جيلانيه مڪليءَ تي وڏي پيماني تي ديني پروگرام ميلاد، يارهين ۽ مشاعرا بہ ٿيندا آهن. جن ۾ پري پري کان ڪيترائي مريد، عقيدتمند، اديب ۽ شاعر حاضري ڀريندا آهن،
پير غلام جيلاني سھڻي سائين جي روحاني دؤر جو همعصر ليکيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو