پير غلام رسول شاهه جيلاني

پير غلام رسول شاهه جيلاني

پير غلام رسول شاھہ جيلاني

پير غلام رسول شاھہ جيلاني: سنڌ جو ممتاز سياستدان ۽ روحاني اڳواڻ رسول شاھہ جيلاني'>پير غلام رسول شاھہ جيلاني، 1919ع ۾، پير جھان شاھہ جيلانيءَ جي گهر ۾، ٿاڻي بولا خان ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سنڌ جو هڪ مثالي بزرگ ٿي گذريو آهي. پير غلام رسول شاھہ جو ننڍپڻ زماني جي نشيب و فراز سان ڀريل هو. هو وڏي صبر ۽ حوصلي وارو شخص هو ۽ زندگيءَ جي مشڪلاتن جو وڏي مردانگيءَ سان مقابلو ڪيائين. هن زندگيءَ ۾ وڏا منصب ماڻيا. پير صاحب 1936ع ۾، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاد ٿيڻ واري دور کان پوءِ، 1937ع کان وٺي سنڌ جي سياست ۾ حصو ورتو. عام ماڻهن جي ڀلائيءَ جي ڪمن، خدمت ۽ دوستن سان سچائيءَ جي ڪري سياست جي ميدان ۾ وڏيون ڪاميابيون ماڻيائين.
پير غلام رسول شاھہ جيلاني، قيام پاڪستان کانپوءِ، 1953ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ 1956ع ۾ اڳوڻي اولھہ پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ منتخب ٿيو. اهڙي طرح 1965ع کان 1977ع تائين پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو مسلسل ميمبر رهيو. چونڊيل ايوانن ۾ سنڌ جي مسئلن بابت وڏي جرئت سان آواز اُٿاريائين. پير صاحب اورچائيءَ سان پنھنجي سياسي اثر جو دائرو ٿرپارڪر، حيدرآباد، دادو (موجودہ ڄام شوري)، ٺٽي ۽ بدين ضلعن تائين وڌايو ۽ انهن ضلعن ۾ سندس خاصي شھرت رهي. پوئتي پيل علائقن جي ماڻهن جي خاص طرح خدمت ڪيائين. سندس انهيءَ خلق خدمت واري جذبي جي ڪري انهن علائقن ۾ پير صاحب لاءِ وڏي عقيدت ۽ احترام موجود آهي.
پير غلام رسول شاھہ جيلانيءَ جو زراعت سان بہ وڏو شوق هو. حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ موجود پنھنجي بنجر زمينن کي وڏيءَ محنت سان گل و گلزار بنايائين. سندن اها دلچسپي آخر تائين قائم رهي. پير صاحب موسيقيءَ جو وڏو دلداده، ڄاڻو ۽ فنڪارن جو قدردان هو. سنڌي موسيقيءَ جي وڏي سرپرستي ڪيائين. وقت جا وڏا گوَيا ۽ فنڪار سندس فن پروريءَ مان مستفيض ٿيندا رهيا. پير صاحب ادب ۽ صحافت جي سرپرستيءَ ۾ بہ هميشہ اڳڀرو رهيو. سندس وڏي وصف زندگيءَ ۾ نظم ۽ ضبط قائم رکڻ هئي. مختلف هنڌن تي عام ماڻهن ۽ راڄ ڀاڳ وارن جي خدمت لاءِ ٽائم ٽيبل موجب وقت جي ورهاست ڪئي هئائين ۽ اهو سلسلو آخر تائين قائم رکيائين. پير غلام رسول شاھہ هڪ سنجيدو ۽ متين، وضعدار ۽ خانداني فضيلت وارو بزرگ هو. سندس بزرگانہ ۽ ٻاجهہ ڀري شخصيت دوستن احبابن ۽ مريدن لاءِ سڪون جو سبب هئي. سڄي عمر مسڪينن جي دل کولي مدد ڪيائين. شرافت ۽ خلق جي خدمت سندس سڄي عمر شيوو رهيو. مهمان نوازي ۽ دوستن سان وفاداري، پير صاحب جون خاص خوبيون هيون.
پير غلام رسول شاھہ جيلانيءَ جا لائق فرزند، پير آفتاب شاھہ جيلاني، پير شفقت شاھہ جيلاني ۽ پير امجد شاھہ جيلاني پنھنجي لائق والد جي روايتن ۽ خانداني وضعدارين کي احسن طريقي سان نڀائيندا اچن ٿا. پير صاحب جو نياڻو حسين شاھہ راشدي بہ خدمت خلق وارن ڪمن ۾ ساڻس سهڪاري رهيو.
سندس وفات 7 فبروري 1991ع تي حيدرآباد ۾ ٿي.


لفظ پير غلام رسول شاھہ جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.00.00  عيسوي

پير غلام رسول شاهه جيلاني 1919ع ۾ ٿاڻي بولا خان ۾ پيدا ٿيو


1991.02.07  عيسوي

پير غلام رسول شاهه جيلاني جي وفات 7 فبروري 1991ع تي حيدرآباد ۾ ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ مبارڪ ريلي سيوستاني
الھورايو سومرو
زبيدہ گهانگهرو
ثقلين مشتاق
محمد اڪرم سمو
دائود مخدوم
ڦوٽو فقير چانگ
سيد علي اڪبر شاھہ
فياض ڏاهري
گلڻ فقير جکراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون