
پير غلام شاهه جيلاني
پير غلام شاھہ جيلاني: سياستدان پير غلام شاھہ جيلاني نيئنگ شريف جو گادي نشين سيد الھہ بخش شاھہ جيلاني جي گهر 7 آگسٽ 1957ع تي دادو ضلعي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سيد الھه بخش شاھه ۽ ڏاڏو سيد صالح شاھہ نئينگ وارو بہ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هو. والد جي وفات کان پوءِ پير غلام شاھہ جيلاني نئينگ شريف واري درگاھہ جو گادي نشين ٿيو تہ مقامي بروهي برادري جو مٿس گهڻو اعتقاد ۽ اعتماد ٿيو. پير غلام شاھہ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. شروعات کان ئي سندس تعلق پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پارليامينٽرينز سان رهيو، 2008ع ۽ 2013ع وارين عام چونڊن ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي پي ايس 75 (دادو II) تان ٻہ ڀيرا صوبائي سيٽ کٽي سنڌ اسيمبليءَ جو رڪن چونڊيو ويو. جولاءِ 2016ع ۾ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھہ جي دؤر ۾ سنڌ ڪابينا ۾ شامل ٿيو ۽ اوقاف کاتي جو خصوصي صلاحڪار بڻيو. ضلعي ڪائونسل دادو جو بہ چيئرمين رهيو. هن ڪيترن ئي ملڪن جو سير پڻ ڪيو، سنڌ کانسواءِ بلوچستان ۾ سندس ڪيترائي مريد آهن. هن 13 سيپٽمبر 2019ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي، کيس نئينگ شريف جي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.