پير غلام مجدد سرهندي مولانا

پير، غلام مجدد سرهندي، مولانا: پير مولانا غلام مجدد سرهندي ولد پير ضياءُ معصوم جان سرهندي، 1320ھہ/1900ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنھنجي والد کان ورتائين. وڌيڪ تعليم مولانا محمد هاشم ۽ خليفي يار محمد قريشيءَ کان حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو. 1939ع ۾ سکر جي مسجد منزل گاھہ جي هلچل دوران انقلابي تقرير ڪرڻ جي الزام ۾ کيس شھر بدر ڪيو ويو. ڪجهہ وقت ريگستان ۾ رهڻ کانپوءِ ماتلي ضلعي بدين ۾ رهائش پذير ٿيو. 1940ع ۾ حج تان موٽڻ کانپوءِ ماتليءَ ۾ اچي رهيو. پير غلام مجدد سرهندي 1390ھہ بمطابق 1970ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.00.00  عيسوي

پير مولانا غلام مجدد سرهندي 1320هه/1900ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو


1970.00.00  عيسوي

پير غلام مجدد سرهندي 1390هه بمطابق 1970ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زرداري مٺا خان
لالسنگهہ اجواڻي
عبدالهادي سرهيو ڊاڪٽر
جھان خان کوسو مسڪين
ڇتراڻي محمد امين
غلام شبير قريشي
قاضي احمدي
جمالي مهرو فقير
غلام نبي مغل
جانڻ فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون