پير فاضل شاھہ قريشي بڪيرائي

پير فاضل شاھہ قريشي بڪيرائي: پير فاضل شاھہ بڪيرائي نامور صوفي ولي ٿي گذريو آهي. هي شيخ بھاءُ الدين زڪريا ملتاني جي اولاد مان هو ۽ ڏهين صدي هجريءَ جي شروعات ۾ بُڪيرن جي ڳوٺ، سنڌ ۾ اچي رهائش پذير ٿيو. بڪيرن جي ڳوٺ ۾ بُڪيرا ذات سان واسطو رکندڙ ماڻهو رهندا هئا، پير فاضل شاھہ جي آمد وقت هتان جو زميندار ارباب شير بيگ بڪيرو هو، جيڪو هن جو معتقد بڻيو، جنهن جي قبر هڪ مسجد جي اڱڻ ۾ آهي. ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکيل آهي تہ: ”پراڻ درياھہ جي ڪناري تي آمري وٽ هڪ وڻ هوندو هو، جنهن جي ٿڙ ۾ هڪ سوراخ هو، ان سوراخ مان اهو ئي ماڻهو نڪري سگهندو هو، جيڪو پاڪ صاف ۽ باوضو هوندو هو. هي وڻ شيخ بھاءُ الدين ملتانيءَ سان منسوب هجڻ ڪري اتي ملتاني سلسلي جا فقير گڏ ٿيندا هئا، پر پوءِ مخدوم نوحرحه جي خادمن ان تي قبضو ڪيو ۽ ملتاني فقيرن جي اثر کي ختم ڪيو. جنهن تي ملتاني فقير شيخ بھاءُ الدين ذڪريا جي درگاھہ تي فريادي ٿيا، ان جي نتيجي ۾ پير فاضل شاھہ قريشيءَ کي سنڌ طرف هجرت جو حڪم مليو.“ پير فاضل شاھہ جيئن ئي بڪيرن ۾ اچي رهيو تہ سنڌ جو ملتان سان گهرو تعلق جڙي ويو. ملتاني جماعتون بڪيرن ۾ قيام پذير ٿي پوءِ ئي ملتان وينديون هيون. ان وقت اها چوڻي مشھور ٿي تہ: ’جيڪو بڪيرا ناهي ويو ان جو ملتان وڃڻ بہ بيڪار‘ اڃا تائين بہ ملتان جا پير سنڌ ايندا آهن تہ بڪيرا ضرور ويندا آهن. قريشي بڪيرائي'>پير فاضل شاھہ قريشي بڪيرائي سموري زندگي سنڌ ۾ گذاري ۽ هتي تصوف جو پرچار ڪيائين. هن 14 رجب 976ھہ/ 2 جنوري 1569ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو بڪيرن ۾ آهي. اولاد نہ هجڻ جي ڪري سندس وصيعت مطابق هن جي عزيز شيخ شھر قريشيءَ کي گادي نشين بڻايو ويو.


لفظ پير فاضل شاھہ قريشي بڪيرائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو