پير لال ڇتو

پير لال ڇَتو: منڇر ڪنڌيءَ تي، ٽهڻيءَ کان اٽڪل ميل ڏيڍ جي مفاصلي تي اوڀر ۾ منڇر ۾ هڪ ٻيٽ جو ڏيک ڏيندڙ سڪي رستي ڳنڍيل هي قديم ماڳ، پير لال ڇتي جي مزار جي ڪري مشهور آهي. هي مزار تاريخ جي دؤر کان اڳ جي هڪ ڦٽل بستيءَ جي آثارن تي اڏيل آهي. هن هنڌ جي اهميت کي محسوس ڪندي، مشهور آرڪيالاجسٽ اين. جي. مجمدار هتي ڪيترائي تجرباتي کڏا کوٽرايا هئا، جن مان ٻن جون ماپون 30x10 ۽ 42x10 فوٽ هيون. ٽي ٻيا کڏا به کوٽيا ويا، پر چوڌاري پاڻيءَ هئڻ ڪري گھڻو هيٺ کوٽائي ممڪن نه هئي، تنهن هوندي به هيءَ کوٽائي خاصي لاڀائتي ثابت ٿي. هتان جيڪي شيون نڪتيون، تن ۾ پٿر جون ڪورون ۽ پتا، ونڌيل (Perforated) ٺڪر، ٺڪر جي رنگين ٿانون جا ٽڪر، ڳنايون، ٿالهيون (Dish on Stand)، ٺڪريون، گھٽ ملهي پٿر جا مڻڪا، ٺڪر جو چوڙين جا ٽڪر، ٺڪر جون چڪيون (Cakes) شامل آهن. هتان ڪابه ڌاتو جي جڙيل وٿ نه ملي آهي. لال ڇتي وٽ کوٽائيءَ مان مليل ٺڪراٺو ڪن صفتن جي ڪري ڪجهه جھڪڙ ۽ لهم جي دڙي واري ٺڪراٺي سان ڀيٽي سگھجي ٿو. ان هوندي به هتان جيڪو ٺڪر جو هڪ نئون نمونو مليو آهي، ان کي سنڌ جي رنگدار ٺڪراٺي واري روايتي سمڪالي ٿانون کان نيارو سمجھي، ”منڇر ٿانو“ (Manchhar ware) جي نالي سان سڏجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هنن ٿانون کي ڪاريگري ۽ آرائش جي لحاظ کان آمريءَ جي ٿانون سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي. ٺڪر جي هنن انوکن ٿانون تي بنيادي ڳاڙهي رنگ جي ٻن رنگن جي موجودگي آهي، ان کان سواءِ چٽن ۾ گل ۽ ٻوٽن جي گھڻائي، هن جي هڪ خصوصيت ڳڻائي سگھجي ٿي. انهن ۾ وري وڌيڪ اهم ڪنول گل جو نمونو آهي، جيڪو منڇر جو اهڃاڻ به سمجھي سگھجي ٿو ۽ اهو هن ٺڪر جو نجو ڳڻ به چئي سگھجي ٿو. ڪي ماهر هن ٺڪر کي گڊو يا ٻِسرو به چون ٿا، پر سمجهجي ٿو ته هي ٺڪر هن ئي خطي جو ٺهيل آهي. ٺڪر جا ٻه چار نمونا اهڙا به ملن ٿا، جن جو سلسلو سنڌو سڀيتا جي آثارن سان ڳنڍي سگھجي ٿو. اهڙيءَ ريت هتي ٺڪراٺي جون ٽي روايتون هڪ ئي هنڌ گڏ ملن ٿيون، جيڪا ڳالهه هتان جي هنرمندن جي محنت ۽ چٽساليءَ جو نتيجو آهي. ٺڪرن جي گھاڙ ۾ گھڻو ڦير ڏسڻ ۾ نه ايندو، پر انهن جي سنوار پڌري آهي. ساڳي قسم جا ٿانو ٻين هنڌن تي به ملن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو