پير لال ڇتو

پير لال ڇَتو: منڇر ڪنڌيءَ تي، ٽهڻيءَ کان اٽڪل ميل ڏيڍ جي مفاصلي تي اوڀر ۾ منڇر ۾ هڪ ٻيٽ جو ڏيک ڏيندڙ سڪي رستي ڳنڍيل هي قديم ماڳ، پير لال ڇتي جي مزار جي ڪري مشھور آهي. هي مزار تاريخ جي دؤر کان اڳ جي هڪ ڦٽل بستيءَ جي آثارن تي اڏيل آهي. هن هنڌ جي اهميت کي محسوس ڪندي، مشھور آرڪيالاجسٽ اين. جي. مجمدار هتي ڪيترائي تجرباتي کڏا کوٽرايا هئا، جن مان ٻن جون ماپون 30x10 ۽ 42x10 فوٽ هيون. ٽي ٻيا کڏا بہ کوٽيا ويا، پر چوڌاري پاڻيءَ هئڻ ڪري گهڻو هيٺ کوٽائي ممڪن نہ هئي، تنهن هوندي بہ هيءَ کوٽائي خاصي لاڀائتي ثابت ٿي. هتان جيڪي شيون نڪتيون، تن ۾ پٿر جون ڪورون ۽ پتا، ونڌيل (Perforated) ٺڪر، ٺڪر جي رنگين ٿانون جا ٽڪر، ڳنايون، ٿالهيون (Dish on Stand)، ٺڪريون، گهٽ ملهي پٿر جا مڻڪا، ٺڪر جو چوڙين جا ٽڪر، ٺڪر جون چڪيون (Cakes) شامل آهن. هتان ڪابہ ڌاتو جي جڙيل وٿ نہ ملي آهي. لال ڇتي وٽ کوٽائيءَ مان مليل ٺڪراٺو ڪن صفتن جي ڪري ڪجهہ جهڪڙ ۽ لھم جي دڙي واري ٺڪراٺي سان ڀيٽي سگهجي ٿو. ان هوندي بہ هتان جيڪو ٺڪر جو هڪ نئون نمونو مليو آهي، ان کي سنڌ جي رنگدار ٺڪراٺي واري روايتي سمڪالي ٿانون کان نيارو سمجهي، ”منڇر ٿانو“ (Manchhar ware) جي نالي سان سڏجي تہ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو. هنن ٿانون کي ڪاريگري ۽ آرائش جي لحاظ کان آمريءَ جي ٿانون سان ڀيٽي نہ ٿو سگهجي. ٺڪر جي هنن انوکن ٿانون تي بنيادي ڳاڙهي رنگ جي ٻن رنگن جي موجودگي آهي، ان کان سواءِ چٽن ۾ گل ۽ ٻوٽن جي گهڻائي، هن جي هڪ خصوصيت ڳڻائي سگهجي ٿي. انهن ۾ وري وڌيڪ اهم ڪنول گل جو نمونو آهي، جيڪو منڇر جو اهڃاڻ بہ سمجهي سگهجي ٿو ۽ اهو هن ٺڪر جو نجو ڳڻ بہ چئي سگهجي ٿو. ڪي ماهر هن ٺڪر کي گڊو يا ٻِسرو بہ چون ٿا، پر سمجهجي ٿو تہ هي ٺڪر هن ئي خطي جو ٺهيل آهي. ٺڪر جا ٻہ چار نمونا اهڙا بہ ملن ٿا، جن جو سلسلو سنڌو سڀيتا جي آثارن سان ڳنڍي سگهجي ٿو. اهڙيءَ ريت هتي ٺڪراٺي جون ٽي روايتون هڪ ئي هنڌ گڏ ملن ٿيون، جيڪا ڳالھہ هتان جي هنرمندن جي محنت ۽ چٽساليءَ جو نتيجو آهي. ٺڪرن جي گهاڙ ۾ گهڻو ڦير ڏسڻ ۾ نہ ايندو، پر انهن جي سنوار پڌري آهي. ساڳي قسم جا ٿانو ٻين هنڌن تي بہ ملن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو