پير لاکو لطف الله: پير لاکو لطف الله پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو بزرگ ۽ اهم شاعر ٿي گذريو آهي. لاکو لطف الله مخدوم نوح سرور رح جو سڳو پوٽو ۽ مخدوم امين محمد جو پنجون نمبر فرزند هو. جيئن ته لاکي لطف الله مخدوم نوح سرور رح جي وفات (27 ذوالقعد مطابق 27 سيپٽمبر 1590ع) کان پوءِ ڄائو هو. ان ڪري سندس نالو مخدوم نوح جي اصل نالي لطف الله جي نسبت سان لطف الله رکيو ويو. لاکي لطف الله جي جنم جو سال مؤرخن اندازاً 1591ع ڄاڻايو آهي. حضرت نوح سرور رح جو سڄو ڪٽنب هالا ڪنڊي (پراڻن هالن) ۾ مقيم هو. لاکو پير به اتي ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. مٿس حضرت نوح وارو ساڳيو نالو هئڻ ڪري کيس ادب وچان لاکو يا لاکيڻو سڏيندا هئا، ۽ اهو لقب لاکي لطف الله پنهنجي شاعريءَ ۾ تخلص طور به ڪم آندو آهي. ان ڪري، ڪن محققن غلطيءَ وچان سندس ذات لاکو لکي آهي. جيڪا حقيقت نه آهي. اصل ۾ اها غلط فهمي ان ڪري عام ٿي، جو مخدوم نوح جي والده لاکا ذات مان هئي ۽ خود لاکي لطف الله لاءِ به روايت آهي ته هن بزرگ لاکا ذات مان شادي ڪئي هئي. ان ڪري ماڻهو کيس لاکن وارو پير سڏيندا هئا. جڏهن ته لاکو ۽ لاکيڻو لفظن جي معنيٰ لکن جو مٽ يا سهڻن لکڻن/ لڇڻن وارو آهي. چيو وڃي ٿو ته لاکي لطف الله جو ننڍپڻ لاڏ ڪوڏ ۽ شوق ۽ شڪار ۾ گذريو.
مخدوم نوح رح پنهنجي دؤر ۾ فرزندن ۽ پوٽن کي معتقدن جي خواهش موجب سنڌ، بلوچستان، ڪڇ ۽ پنجاب جي مختلف هنڌن تي دين جي تبليغ تي موڪليو هو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پنهنجي ڪتاب ”ڪافي“ ۾ ڄاڻايو آهي ته (مخدوم نوح رح) شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي عرض ڪرڻ تي پنهنجي فرزند ميئين سلطان کي لاڙ موڪليو ۽ پنهنجي پوٽي لاکي لطف الله کي غلام رسول نالي مريد جي عرض ڪرڻ تي جهرڪن طرف موڪليو. لاکي لطف الله لاءِ مشهور آهي ته هن پنهنجو آستانو موجوده ٺٽي ضلعي جي شهر جهرڪن ويجهو بنايو. جتي اڄ به سندس مقبرو ۽ مزار موجود آهي. لاکي پير جي مزار ۽ مقبرو تعلقي ٺٽي جي تپي جهرڪ جي ديهه شيخياڻيءَ ۾، جهرڪن ۽ سونڊن جي وچ ۾ ٺٽي کان حيدرآباد ويندڙ شاهراهه تي، جهرڪن کان 3 ميل ڏکڻ طرف، ٻُڌ ڌرم جي پيروڪار راجا ماجيراءِ جي ماڙيءَ واري جبل جي ڀِڪ ۾ آهي. سندس مقبرو ۽ گنبذ سان ٺهيل مسجد پري کان ڏسڻ ۾ ايندي آهي. لاکي پير جي قبرستان ۾ پليجا ذات جي ماڻهن جون رائنڪون ٺهيل آهن. جيڪي لاکي لطف الله جا مريد هئا. لاکي لطف الله جي اولاد کي لاکيپوٽا پير سڏيو وڃي ٿو. درگاهه جو مجاور هن وقت عمر فقير جو ڏوهٽو منٺار فقير آهي. لاکي پير جا مريد لطفي جماعت سڏبا آهن. ميلي جي موقعي تي ٽوليون ڪري يا اڪيلي سر درگاهه تي اچي گڏ ٿيندا آهن. درگاهه تي ميلي جي موقعي تي سماع ٿيندو آهي.
لاکو لطف الله شاهه لطيف جي متقدمين مان هو. ان ڪري سندس ڪيترا بيت شاهه جي رسالي ۾ شامل ٿي ويا هئا. سندس سنڌي ٺيٺ ۽ اسلوب شاهه سائين جهڙو وزنائتو لڳي ٿو. رسالي ۾ شامل چند بيتن ۾ لاکو، لاکو لطف الله ۽ لطف تخلص ڪم آندل آهن. مثال طور:
کرڪن کجاياس، ٻيلي پاس ٻُرن جي،
ڇڙڪن جي ڇيڄ ڪيا، تن واري وَهه وڌياس،
لاکو لطف الله چئي، اڇي آب گڙياس،
سَرتيون ڪنهن سڀاڳ لاءِ سڪڻ آءٌ سِکياس،
وسان ٿي وياس، مليس جي ميهار کي.
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، شاهه جي رسالي ۾ شامل سُر ’بسنت بهار‘ کي لاکي لطف الله جو ڪلام سڏيو آهي. (شاهه جو رسالو، جلد پهريون، ڪراچي، صفحو 167، 1923ع) لاکي لطف الله جو بسنت بهار مان هيٺيون بيت ان جي ثابتي ڏي ٿو:
انگـوريون ۽ ڪيتڪيون، ڦـوليـون ڦڳـڻ مانهن،
ايءُ لالــڻ لاکـو چئي، آءٌ ڪـريـان ڪـانهـن،
جي سڄڻ هوئي مون پانهن، ته ڦل پَسيو ڦولي هينئون.
لاکي لطف الله جو ڪلام سورٺي ۽ بيت جي سٽاءَ ۾ ملي ٿو. سندس ڪلام ۾ هڪ وائي به ملي آهي.
ماستر عبدالرحمـٰن دَل، شاهه جو رسالو ڇپائي، ان سان گڏ پنهنجا بيت شاهه جي ڀران چئي ڇپايا هئا. ساڳي طرح هن هڪ ڪتاب ڇپائي ان ۾ چاليهه بيت مخدوم لفظ الله جا ۽ 40 بيت انهن جي تتبع تي پنهنجا ڏنا آهن. هن جو ماخذ ڪهڙو هو، ان جي خبر نٿي پوي، پر ان مان اها حقيقت ثابت ٿئي ٿي ته لاکو لطف الله پنهنجي دؤر جو اهم شاعر ضرور هو.
لاکي پير جو ديهه شيخاڻي وارو آستان ته مشهور آهي، پر سندس هڪ آستان ڪڇ ڀُڄ ۾ به آهي. جتي هڪ چوڪنڊي نموني جو مقبرو ٺهيل آهي. جتي مريد سلاميءَ لاءِ به ويندا آهن. سندس ٽيون آستان ڪراچيءَ ويجهو ڪاٺوڙ ۾ به آهي. جتي لاکو پير ميئين عمر درس وٽ اچي رهندو هو. سندس چوٿون آستان لسٻيلي ۾ وندر طرف وٽ آهي. جتي حسن پير جي درگاهه موجود آهي. هڪ روايت موجب سندن پنجون آستان حيدرآباد دکن ۾ به آهي. لاکي پير جي طريقت جو سلسلو سهروردي اويسي آهي ۽ سماع سهروردي طريقي جي سڃاڻپ آهي. لاکي پير جي درگاهه تي اڄ تائين لطفي جماعت سماع جي محفل ڪندي آهي. سماع جي موقعي تي ڏهر ۽ وايون پڙهيون وينديون آهن. لاکي لطف الله جي تعريف ۾ چاڪر فقير، محمد فقير مجاور ۽ مخدوم امين محمد پکن ڌڻي ۽ سيد حاجي محمد شاهه بدين واري جون وايون ملن ٿيون. لاکي پير جا 8 ڀائر هئا. لاکي پير جي اولاد مان پير ميان مٺن، ڀاون علي شاهه حلفيءَ وارو، ميان محمد شاهه، پير ڀاون شاهه ثاني، پير ميئان تقي، پير ميئان محمد هاشم سهري وارو وغيره اچي وڃن ٿا. پير لاکي لطف الله جي همعصرن ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، مخدوم ابراهيم عرف سلطان پير، مخدوم ميئان فتح محمد، ميئان مير سنڌي، شيخ مبارڪ، ساجن سوائي ۽ عبدالله شاهه اصحابي ٺٽي وارو اچي وڃن ٿا. لاکي لطف الله بابت مخدوم صاحبان جي تذڪرن کانسواءِ ڊاڪٽر عبدالرحمــٰن قريشيءَ جي ڪتاب گلستان سروري (2010ع) ۾ احوال ملي ٿو. ان کانسواءِ پير محمد عالم قريشي صديقي سجاوليءَ لاکي لطف الله تي هڪ ڪتاب (لاکو پير لطف الله رح) نالي سان لکيو آهي. جيڪو ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ پاران (2010ع) ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
1591.00.00 عيسوي
لاکي لطف الله جو جنم 1591ع ۾ ٿيو