پير لڪياري جو ميلو

پير لڪياريءَ جو ميلو: هيءُ ميلو تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾، هالاڻي شھر لڳ هر سال لڳندو آهي. شروعات ۾ لڪياري لال جو ٻارهو يا عرس ملهائبو هو، هندن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ جيئن ”ويساکيءَ جو ميلو“ ختم ٿيڻ کي ويجهو پهتو تہ لڪياري لال جي گادي نشين سيد محمد عاقل عرف سوڀاري شاھہ هيءُ ميلو ويساکيءَ واري ميلي جي ساڳين تاريخن تي شروع ڪرايو. عوام ۾ اڄ تائين هن ميلي کي ويساکيءَ جو ميلو ئي سڏيو ويندو آهي، جيڪو گهڻو ڪري ڪڻڪ جي فصل کڻي وڃڻ بعد لڳندو آهي. هي ميلو سنڌ جي وڏن ميلن جھڙوڪ قلندر شهباز، ڀٽائي گهوٽ، جھانيان سائين ۽ راڻي پور جي ميلن جهڙو ٿي ويو آهي. ميلي کان ٻہ ٽي مهينا اڳ هڪ وڏي خيرات ٿيندي آهي. ان کان پوءِ هر جمعي تي ملاکڙو ٿيندو آهي. اهو سلسلو ميلي تائين هلندو آهي. هيءُ ميلو گادي ڌڻي، سيد منظور حسين شاھہ جي نگرانيءَ ۾ ٿيندو آهي. ميلي جو انتظام شروع ۾ مرحوم وڏيرو ابل خان نانگور ڪندو هو، جنهن سان گڏ محمد پناھہ ڦرڙو بہ معاون هوندو هو. ميلي جو هن وقت سنڀاليندڙ سيد ابرار علي شاھہ ۽ سندس مددگار محمد ايوب گاڏهي آهي. شروع ۾ هي ميلو هالاڻي شھر ۾ لڳندو هو. پوءِ ميلو وڌي ويو تہ شھر جي ڏکڻ طرف قومي شاهراھہ تي مخدوم محمد دائود آگري جي قبرستان لڳ ٿيڻ لڳو. هتي اٺن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ ۽ ڏاندن جي گوءِ بہ ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو