پير محاولي جو ميلو

پير محاولي جو ميلو: نامياري بزرگ پير محاولي شاھہ جو ساليانو ميلو شعبان مهيني جي 22، 23 ۽ 24 تي ضلعي نوابشاھہ، تعلقي سڪرنڊ جي شھر صابو راهو کان 2 ڪلو ميٽر اولھہ طرف اڀوڙو لاکو ۾ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي جي پهرين ڏينهن گادي نشين پير غلام مصطفيٰ شاھہ مزار تي چادر چاڙهيندو آهي. هن ميلي ۾ مختلف شين جا دڪان سينگاريا ويندا آهن جڏهن تہ والي بال ٽورنامينٽ، ڀلن ڍڳن جي ڊوڙ ۽ ملاکڙي ۾ پهرئين، ٻئين ۽ ٽئين جوڙ جي ملھہ پهلوانن ۾ انعامي مقابلا پڻ ٿيندا آهن. هن ميلي ۾ راڳ رنگ جي محفل پڻ رچائي ويندي آهي، جنهن ۾ سنڌ جا مشھور فنڪار حصو وٺندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو