پير محبوب شاھہ

پير محبوب شاھہ: درويش پير محبوب شاھہ جي درگاھہ ۽ مقبرو ضلعي جيڪب آباد جي ڳوٺ صاحبڏني سومري لڳ جيڪب آباد ۾ آهي. ان ڳوٺ جي هڪ رهواسي عقيدتمند محمد ڇٽل سومري، پير صاحب جي قبر ۽ مقبرو تيار ڪرايو هو. ان کان پوءِ پري پري کان ماڻهو هن درگاھہ تي حاضري ڏيڻ ايندا آهن. هر سال شعبان مهيني ۾ عرس جي موقعي تي هتي ميلو لڳندو آهي. انهن ڏينهن تي ننگر فقر جو انتظام، حاجي محمد ابراهيم سومري ۽ ڊاڪٽر غلام نبي سومري طرفان ڪيو ويندو آهي.


لفظ پير محبوب شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو