پير محمد ابراهيم ’خليل‘ جان سرهندي: هيءُ بزرگ، محمد اسماعيل جان جو ٻيو نمبر فرزند، محمد حسين جان سرهنديءَ جو پوٽو، خواجہ محمد حسن جان جو ڏوهٽو هو. رمضان المبارڪ 1334ھہ/1915ع ۾ جنم ورتائين. ننڍپڻ ۾ پنھنجي والد ۽ ڏاڏي کان عربي، فارسي، سنڌي ۽ فقھہ جي تعليم حاصل ڪيائين. سنڌي چوٿين درجي کان پوءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪـراچـيءَ ۾ انگـريـزي پـڙهـڻ لاءِ داخـل ٿيـو. نهايت ذهيـن هو، جلد ئي کيس انگريزي تعليم ترڪ ڪرائي واپس ڳوٺ آندو ويو، بعد ۾ ’طبيه ڪاليج دهليءَ‘ ۾ داخل ٿيو، جتان چند سالن بعد سند يافتہ ٿي واپس وطن ڏانهن وريو. سنڌ پهچڻ شرط ساماري شھر ۾ ’گلزار خليل‘ نالي هڪ مدرسي جو بنياد رکيائين. تعليم سان گڏ پنھنجي مسلڪ جو پرچار بہ جاري رکيائين. سائين جي .ايم. سيد جي ڪتاب ”جيئن ڏٺو مون“ جي جواب ۾ سطحي تنقيد تي مشتمل ڪتاب ”سنڌ سونهاري“ لکيائين. هن حديث ۾ سنڌ ۽ هند جي ڪيترن عالمن کان سندون حاصل ڪيون. شاعري بہ ڪيائين، شاعريءَ ۾ سندس تخلص ”خليل“ هو. پير محمد ابراهيم خليل جا ڪجهہ ڪتاب بہ تصنيف ٿيل آهن ۽ سنڌ ۾ سندس هزارين مريد آهن.
1915.00.00 عيسوي
پير محمد ابراهيم خليل جان سرهندي رمضان المبارڪ 1334هه/1915ع ۾ جنم ورتو