پير محمد اسماعيل جان سرهندي: پير محمد اسماعيل جان، پير محمد حسين جان سرهنديءَ جو وڏو فرزند هو، جنهن 1307ھہ/ 1889ع ۾ ضلعي حيدرآباد (هاڻي ٽنڊي محمد خان) ۾ موجودہ ’ٽکڙ‘ ڳوٺ ۾ جنم ورتو. 1312ھہ/ 1894ع ۾ کيس علامہ يوسف جي مڪتب ۾ ويهاريو ويو، جتي هن قرآن پاڪ، عام سنڌي تعليم، فقھہ ۽ فارسيءَ کان سواءِ شعر و شاعريءَ ۾ بہ چڱي مهارت حاصل ڪيائين. عربي علامہ اسدالله شاھہ ’فدا‘ وٽ پڙهيو، 20 سالن جي عمر ۾ شادي ڪيائين ۽ ٻن سالن بعد عيال سميت پهرين حيدرآباد، پوءِ ٽنڊي محمد خان ۽ ان بعد ٿر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. پاڻ ٽکڙ مان هڪ علمي، ادبي ۽ ديني رسالو ’الاصلاح‘ بہ جاري ڪيائين ۽ ڪيتري وقت تائين انهيءَ رسالي جي ذريعي ديني ۽ ادبي شعور پيدا ڪندو رهيو، هن ڪجهہ ڪتاب بہ لکيا، جن ۾ ’خطبات روشن‘ (سنڌي خطبا)، ’انشاءِ روشن‘ (فارسي مضمونن جو مجموعو)، ’جواهر نفسيه‘ (فارسي) ذڪر جوڳا آهن. سنڌي، اردو، عربي، فارسي ۽ پشتو ۾ شاعري ڪيائين. 63 سالن جي ڄمار ۾ 1361ھہ/ 1942ع ڌاري وفات ڪيائين. ’مقبري شريف‘ ٽکڙ ۾ پنھنجي ڀاءُ محمد يعقوب جان جي ڀر ۾ دفن ٿيل آهي.
1889.00.00 عيسوي
پير محمد اسماعيل جان سرهندي 1307هه/ 1889ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو
1942.00.00 عيسوي
پير محمد اسماعيل جان سرهندي 1361هه/ 1942ع ڌاري وفات ڪئي