پير محمد زمان شاهه هاشمي

پير محمد زمان شاهه هاشمي: سخي هاشم جي اولاد، هاشمي مٽياري ساداتن جي پڳدار، سيد پير محمد زمان شاهه، سيد بقادار شاهه هاشميءَ جي گهر ۾ 11 نومبر 1916ع تي مٽيارين ۾ جنم ورتو. سندس پرورش سندس چاچي الهيار شاهه جي نگرانيءَ ۾ ٿي. محمد زمان بي. اي آنرز ۽ ايم. اي تائين تعليم حاصل ڪئي. کيس انگريزي ٻوليءَ ۽ موسيقيءَ جي فن ۾ وڏي مهارت حاصل هئي. پير صاحب حيدرآباد ميوزڪ آرٽس سرڪل جو چيئرمئن به رهيو. موسيقيءَ تي سندس هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ ۽ هڪ سنڌيءَ ۾ ’علمِ موسيقي‘ جي نالي سان لکيل آهي، جنهن جو پهريون حصو 1967ع ۾ لکيائين، جيڪو 25 صفحن تي مشتمل آهي. هي ٻئي ڪتاب بدقسمتيءَ سان اڃا تائين ڇپجي نه سگهيا آهن. سياست ۾ به سندس ڪردار رهيو آهي ۽ عبدالستار پيرزادي جي وڏي وزارت جي دور ۾ گهروکاتي جو صلاحڪار به رهيو. موجوده دور جي مشهور معروف گلوڪاره عابده پروين کي ريڊيو تي سائين محمد زمان شاهه ئي متعارف ڪرايو. پاڻ فنڪارن/گوين جو معترف ۽ مددگار رهيو. هر وقت گويا ۽ فنڪار سندس اوطاق تي موجود رهندا هئا ۽ موسيقيءَ جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون. پير صاحب کي ٽي فرزند سيد پير الهيار شاهه، سيدار شاهه ۽ عرفان شاهه نالي آهن، جن مان سيد پير الهيار شاهه کانئس پوءِ سجاده نشين آهي. سندس وفات21 سيپٽمبر 1993ع تي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.11.11  عيسوي

پير محمد زمان شاهه هاشمي 11 نومبر 1916ع تي مٽياري ۾ جنم ورتو


1993.09.21  عيسوي

پير محمد زمان شاهه هاشمي21 سيپٽمبر 1993ع ۾ وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راجا توڏر مل
تاج صحرائي
هري شوداساڻي
عاشق حسين سمراٽ
شاهه حسن مرزا ارغون
جارج-6
حاجي غلام حسين ميمڻ
انيس ميمڻ
افتخار محمد چوڌري جسٽس
حسين بادشاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون