پير محمد زمان شاھہ هاشمي: سخي هاشم جي اولاد، هاشمي مٽياري ساداتن جي پڳدار، سيد پير محمد زمان شاھہ، سيد بقادار شاھہ هاشميءَ جي گهر ۾ 11 نومبر 1916ع تي مٽيارين ۾ جنم ورتو. سندس پرورش سندس چاچي الهيار شاھہ جي نگرانيءَ ۾ ٿي. محمد زمان بي. اي آنرز ۽ ايم. اي تائين تعليم حاصل ڪئي. کيس انگريزي ٻوليءَ ۽ موسيقيءَ جي فن ۾ وڏي مهارت حاصل هئي. پير صاحب حيدرآباد ميوزڪ آرٽس سرڪل جو چيئرمئن بہ رهيو. موسيقيءَ تي سندس هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ ۽ هڪ سنڌيءَ ۾ ’علمِ موسيقي‘ جي نالي سان لکيل آهي، جنهن جو پهريون حصو 1967ع ۾ لکيائين، جيڪو 25 صفحن تي مشتمل آهي. هي ٻئي ڪتاب بدقسمتيءَ سان اڃا تائين ڇپجي نہ سگهيا آهن. سياست ۾ بہ سندس ڪردار رهيو آهي ۽ عبدالستار پيرزادي جي وڏي وزارت جي دور ۾ گهروکاتي جو صلاحڪار بہ رهيو. موجودہ دور جي مشھور معروف گلوڪاره عابدہ پروين کي ريڊيو تي سائين محمد زمان شاھہ ئي متعارف ڪرايو. پاڻ فنڪارن/گوين جو معترف ۽ مددگار رهيو. هر وقت گويا ۽ فنڪار سندس اوطاق تي موجود رهندا هئا ۽ موسيقيءَ جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون. پير صاحب کي ٽي فرزند سيد پير الهيار شاھہ، سيدار شاھہ ۽ عرفان شاھہ نالي آهن، جن مان سيد پير الهيار شاھہ کانئس پوءِ سجادہ نشين آهي. سندس وفات21 سيپٽمبر 1993ع تي ٿي.
1916.11.11 عيسوي
پير محمد زمان شاهه هاشمي 11 نومبر 1916ع تي مٽياري ۾ جنم ورتو
1993.09.21 عيسوي
پير محمد زمان شاهه هاشمي21 سيپٽمبر 1993ع ۾ وفات ڪري ويو