پير محمد شاھہ: پير محمد شاھہ مٽيارين جي باقيل پوٽن ساداتن مان سيد مير اول شاھہ جو فرزند، وقت جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. هن 2 جون 1891ع مطابق 22 شوال 1308 هجريءَ ۾ مٽياريءَ ۾ جنمن ورتو. شروعاتي تعليم مٽياريءَ جي استادن وٽ حاصل ڪيائين ۽ اتان جي مشھور استاد مولوي قاضي لعل محمد کان عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪيائين. پير صاحب زندگيءَ ۾ تيرهن حج ڪيا هئا. راڄ جو پڳدار بہ هو. جنهن بابت سائين جي. ايم. سيد پنھنجي ڪتاب ”جن سين'>جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو آهي تہ: ”هنن جي پاڙي جو اصل ڄاموٽ، سيد ڇٽن شاھہ هو، جو لاولد ٿي وفات ڪري ويو، ان کان پوءِ ڄاموٽيءَ جي پڳ خالي رهي. جيڪا جملي ڀائرن گڏجي حاجي ﷲ اوڀائي شاھہ کي ٻڌائي، جنهن جڏهن 1345ھہ/ 1926ع ڌاري وفات ڪئي تہ ڀائرن گڏجي الحاج محمد شاھہ کي ڄاموٽ مقرر ڪيو.“ هو بزرگ انگريزن خلاف آزادي واري جدوجھد ۾ بہ سرگرم رهيو. ان دؤر ۾ جواهر لال نهرو جي ميزباني ڪرڻ ڪري 90 ڏينهن لاءِ نظربند بہ ٿيو هو. ان کان سواءِ ٻن ڀائرن کي مسلمان ڪرڻ تي هندن طرفان جڏهن مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو، تہ ڇوڪرن کي واپس ڪرڻ بجاءِ ٻہ سال قيد ڪاٽڻ کي ترجيح ڏنائين. پير صاحب برادري سطح تي قائم ڪيل تنظيم ’انجمن سادات مٽياري‘ جو جنرل سيڪريٽري بہ رهيو. پير محمد شاھہ ڄاموٽ خلافت تحريڪ ۾ بہ ڀرپور حصو ورتو. جڏهن خلافت تحريڪ پاران ترڪ موالات جو اعلان ڪيو ويو تہ انگريزن ان جي ٽوڙ لاءِ امن سڀائون قائم ڪيون هيون، جن تي حق پرست عالمن، امن سڀائن خلاف ’علماءِ سُوءِ‘ نالي سان فتوائن جو مجموعو جاري ڪيو. جنهن ۾ پير صاحب بہ امن ڪميٽين جي خلاف فتويٰ ڏني. پير صاحب کي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي قائم ڪيل تنظيم ’آزاد سنڌ ڪانفرنس‘ جي مٽياريءَ جي يونٽ جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو هو. اهڙيءَ طرح پاڻ سڄي زندگي اسلام ۽ قوم جي خدمت ڪندي گذاريائين.
1891.06.02 عيسوي
پير محمد شاهه 2 جون 1891ع مطابق 22 شوال 1308 هجريءَ ۾ مٽياريءَ ۾ جنم ورتو