پير محمد شاھہ فقير

پير محمد شاھہ، فقير: سنڌ جي مشھور عالم، مبلغ پير محمد شاھہ جو تعلق بدين جي سيد خاندان سان هو. هن سنڌ کي دين اسلام جي تبليغ سان منور ڪيو ۽ ڪافي غير مسلمن کي اسلام ۾ آندو. اُن وقت جي حاڪمن (انگريزن) جي ڪابہ پرواھہ نہ ڪندي پيغام ڦهلائيندو رهيو. انگريز سرڪار خلاف جهاد ڪيائين، هن بزرگ تي انگريزن پاران گهڻو دٻاءُ وڌو ويو پر هي ڪڏهن بہ ظالم اڳيان نہ جهڪيو. پير محمد شاھہ فقير، برِصغير جي مسلمانن، سنڌ جي مسلمانن جي سياسي، سماجي و اقتصادي حقن لاءِ وڙهندو رهيو. فقير پير محمد بدين جي درگاھہ جو سجادہ نشين ۽ لاڙ جو مشھور درويش هو. هي اڪثر ڏها ۽ چاليها ڪڍندو هو. فقير پير محمد، خدا رسيدہ ۽ عالم شخص هو. سنتِ رسول جي پيروي ڪندڙ هن بزرگ 22 مارچ 1900ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو