پير محمد لکوي (وفات 1600ع ): پير محمد لکوي، ڳوٺ لکي ضلعي شڪارپور جو رهواسي هو، سندس احوال سڀ کان اول پروفيسر لطف ﷲ بدويءَ پنھنجي تاليف ”تذڪره لطفي“ پهرين جلد ۾ ڏنو آهي، پوءِ سمورن محققن ۽ ادبي تاريخ نويسن اُتان ئي حوالو ورتو آهي.
لطف ﷲ بدوي لکي ٿو تہ: ”قاضي قادن کان پوءِ ارغوني دؤر ۾ ٻئي هڪ عارف جو نالو اچي ٿو، جنهن جو اسم گرامي حضرت پير محمد لکوي هو. پاڻ اصل ٺٽي جو رهاڪو هو پوءِ هجرت ڪري اچي لکيءَ ۾ رهيو. لکي اُن زماني ۾ اُتر سنڌ جو هڪ وڏو شھر هو، جو پوءِ زماني جي انقلاب کان ويو پؤڻو پوندو.
اڳتي هلي مخدوم پير محمد لکيءَ جي باري ۾ لکي ٿو تہ: ”هُو عالم ۽ خدا رسيدہ شخص هو. هن جي الاهي محبت جون ڳالهيون گهڻيئي مشھور آهن. سندس مقبرو لکي (ضلعي شڪارپور) جي پس گردائيءَ ۾ آهي“. اُن کان پوءِ پير محمد لکويءَ جو اهم نظم ڏنو اٿس، جيڪو الف اشباع جي طرز تي هڪ طويل نظم آهي، بدوي صاحب اُن جو اقتباس پنھنجي والد امام بخش ’خادم‘ جي ’بياض خادمي‘ جي تذڪري ۾ ڏنو آهي. هيءَ اُها طرز آهي، جنهن تي پوءِ سنڌ جي ۽ خاص طور ٺٽي جي عالمن مذهبي، فقهي ۽ درسي نظم ڪتابن جي صورت ۾ لکيا، جن مان گهڻا شايع بہ ٿيا. هن نظم کي لطف ﷲ بدويءَ ’نظم اشتقاقيه‘ جو عنوان ڏنو آهي:
اي صبا! واءُ خدا جا خاطي خيـر هٿاءُ،
تون ريٻارو رحمان جو ۽ قاصـد قريباءُ،
تون ميان جي محبوبن جو پيڪ سنـدو پياءُ،
تون پانڌي پيارن جو، اولي اکـڙياءُ،
تون ساٿي سڪاين جو، ماهر اکـڙياءُ،
آڻي حبيـبن جون خبـرون خوشحـالاءُ،
ني نيـاپا نينهـن جـا، واڍوڙين وٽاء.
1600.00.00 عيسوي
پير محمد لکوي 1600ع ۾ وفات ڪئي