پير محمد لکوي

پير محمد لکوي (وفات 1600ع ): پير محمد لکوي، ڳوٺ لکي ضلعي شڪارپور جو رهواسي هو، سندس احوال سڀ کان اول پروفيسر لطف الله بدويءَ پنهنجي تاليف ”تذڪره لطفي“ پهرين جلد ۾ ڏنو آهي، پوءِ سمورن محققن ۽ ادبي تاريخ نويسن اُتان ئي حوالو ورتو آهي.
لطف الله بدوي لکي ٿو ته: ”قاضي قادن کان پوءِ ارغوني دؤر ۾ ٻئي هڪ عارف جو نالو اچي ٿو، جنهن جو اسم گرامي حضرت پير محمد لکوي هو. پاڻ اصل ٺٽي جو رهاڪو هو پوءِ هجرت ڪري اچي لکيءَ ۾ رهيو. لکي اُن زماني ۾ اُتر سنڌ جو هڪ وڏو شهر هو، جو پوءِ زماني جي انقلاب کان ويو پؤڻو پوندو.
اڳتي هلي مخدوم پير محمد لکيءَ جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”هُو عالم ۽ خدا رسيده شخص هو. هن جي الاهي محبت جون ڳالهيون گھڻيئي مشهور آهن. سندس مقبرو لکي (ضلعي شڪارپور) جي پس گردائيءَ ۾ آهي“. اُن کان پوءِ پير محمد لکويءَ جو اهم نظم ڏنو اٿس، جيڪو الف اشباع جي طرز تي هڪ طويل نظم آهي، بدوي صاحب اُن جو اقتباس پنهنجي والد امام بخش ’خادم‘ جي ’بياض خادمي‘ جي تذڪري ۾ ڏنو آهي. هيءَ اُها طرز آهي، جنهن تي پوءِ سنڌ جي ۽ خاص طور ٺٽي جي عالمن مذهبي، فقهي ۽ درسي نظم ڪتابن جي صورت ۾ لکيا، جن مان گھڻا شايع به ٿيا. هن نظم کي لطف الله بدويءَ ’نظم اشتقاقيه‘ جو عنوان ڏنو آهي:
اي صبا! واءُ خدا جا خاطي خيـر هٿاءُ،
تون ريٻارو رحمان جو ۽ قاصـد قريباءُ،
تون ميان جي محبوبن جو پيڪ سنـدو پياءُ،
تون پانڌي پيارن جو، اولي اکـڙياءُ،
تون ساٿي سڪاين جو، ماهر اکـڙياءُ،
آڻي حبيـبن جون خبـرون خوشحـالاءُ،
ني نيـاپا نينهـن جـا، واڍوڙين وٽاء.


هن صفحي کي شيئر ڪريو