پير محمد هاشم جان سرهندي، مولانا: تحريڪ آزادي جو سياسي اڳواڻ پير محمد هاشم جان سرهندي ولد خواجہ محمد حسن جان سرهنديءَ جو جنم 16 ذوالقعد 1322ھہ مطابق 22 جنوري 1905ع ۾ ٽنڊي سائينداد، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو، قرآن مجيد جي تعليم مولانا لعل محمد متعلويءَ وٽان حاصل ڪيائين ۽ فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم پنھنجي والد کان پڙهيو، ان کانپوءِ اجمير شريف جي مدرسہ معينيه جي مولانا معين الدين وٽ پڙهيو، هن طب جي تعليم پنھنجي ڀاءُ حڪيم نظام الدين کان ورتي، اجمير شريف مان واپس اچي مدرسہ ’رڪن الاسلام‘
ٽنڊي سائينداد ۾ درس ۽ تدريس سان لاڳاپجي ويو، هن سياست جي ابتدا جمعيت العلماءِ هند کان ڪئي، جنهن ۾ شموليت اختيار ڪري انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجھد ۾ ڀرپور حصو ورتائين. هن 14 ۽ 15 آگسٽ 1937ع تي ڪراچيءَ ۾ مولانا حسين احمد مدنيءَ جي صدارت هيٺ جمعيت العلماءِ سنڌ جي جلسي ۾ ۽ حيدرآباد واري قلعي ۾ قاري محمد طيب ديوبنديءَ جي صدارت واري عظيم الشان جلسي ۾ شرڪت ڪئي ۽ وطن جي آزادي لاءِ جاکوڙ ڪندو رهيو، 23 رمضان 1395ھہ مطابق 28 سيپٽمبر 1975ع تي وفات ڪيائين.
1905.01.22 عيسوي
پير محمد هاشم جان سرهندي جو جنم 16 ذوالقعد 1322هه مطابق 22 جنوري 1905ع ۾ ٽنڊي سائينداد ، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو
1975.09.28 عيسوي
پير محمد هاشم جان سرهندي 23 رمضان 1395هه مطابق 28 سيپٽمبر 1975ع تي وفات ڪئي