پير محمد هالائي

پير محمد هالائي: پير محمد هالائي هڪ وڏو عالم، درس تدريس جو مالڪ ۽ مهمان نواز بزرگ هو. هالن ۾ ايندڙ ويندڙ درويشن ۽ بزرگن جي مهمانداري ۽ خدمت گذاري ڪندو رهندو هو. هڪ دفعي خواجہ محمد زڪي ولد خواجہ محمد حنيف ولد خواجہ عبدالاحد ولد خواجہ امام محمد سعيد ولد خواجہ شيخ احمد امام رباني مجدد الف ثاني، حج جي ارادي سان ملتان مان ٿيندو، هالن ۾ اچي پهتو. هالن جي وڻندڙ آب هوا جي ڪري اتي ڪجهہ وقت رهي پيو، جتي مولانا پير محمد هالائيءَ سندس خدمت ڪئي ۽ اوڌر تي سامان وٺي بہ سندس مهمان نوازي ڪندو رهيو. جڏهن خواجہ محمد زڪي هالن مان ٺٽي جي ارادي سان روانو ٿيو تہ خواجہ صاحب کيس رزق جي ڪشادگيءَ لاءِ دُعا جو چيو، ان بعد روايت آهي تہ وٽس رزق جي ڪڏهن بہ تنگي نہ ٿي. مولانا هالائي حج جي سفر دوران مڪي شريف ۾ وفات ڪئي.


لفظ پير محمد هالائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو