پير محمد پانڌياڻي

پير محمد پانڌياڻي (لارين وارو ):پير محمد پانڌياڻيءَ 1901ع ۾ جنم ورتو. 1920ع ۾ ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار شروع ڪيائين، ان ڪري عام ماڻهن وٽ ’لارين وارو‘ مشھور ٿيو. تحريڪِ آزاديءَ جو گمنام سپاهي رهيو آهي. خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. قائداعظم محمد علي جناح جي هدايتن تي چونڊن ۾ مسلم ليگ جي اميدوارن جي مدد ڪيائين ۽ کيس ورڪ لاءِ پنهنجون بسون ۽ ٽرڪون ڏنائين. قيام پاڪستان کان پوءِ سنڌ جي بارڊر تي مهاجرن جي آمد وقت سندن آبادڪاريءَ لاءِ ڪم ڪيائين. علم ۽ ادب جو شوقين هو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ علامہ اقبال جو عاشق هو. 30 آگسٽ 1968ع ۾ وفات ڪائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.00.00  عيسوي

پير محمد پانڌياڻيءَ 1901ع ۾ جنم ورتو


1968.08.30  عيسوي

پير محمد پانڌياڻي 30 آگسٽ 1968ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديبلي ابو محمد حسن بن حامد
دلدار عباسي
فاضل خان ٺٽوي
شيخ محمد حاجن پروفيسر
جينت ريلواڻي
چولياڻي روپلو
ابو سعيد عبدالڪريم سمحاني
ڀڳوان سي ٿڌاڻي پشپ
رمضان بلوچ
سھائي ابڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون