پير محمد پيرل ميمڻ

پير محمد ’پيرل‘ ميمڻ: پير محمد عرف پير بخش عام طرح ’پيرل فقير‘ جي نالي سان مشھور هو. سندس والد جو نالو محمد سلطان ميمڻ هو. پيرل فقيـر 1870ع ۾ ڳـوٺ ويجي، تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ ۾ جنم ورتو. هو پنھنجي وقت جو سٺو شاعر ۽ سگهڙ هو. سنڌي پرائمري تعليم سان گڏ قاضي محمد عالم قريشيءَ جي صحبت ۾ رهي عربيءَ ۽ فارسيءَ کان بہ واقف ٿيو. پيرل فقير جو ڪلام اثر انگيز ۽ دل آويز آهي. جنهن ۾ سادگي، نفاست ۽ رواني آهي، جنهن ۾ هن معاشرتي براين ۽ بڇڙاين تي ناقدانه نظر وڌي آهي. سندس ڪلام اخلاقي ۽ اصلاحي آهي. سندس ڪافيون، ڪلام، غزل، گيت، سهرا ۽ ٽيھہ اکريون رسالن، ڪتابن ۽ اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’من اندر جي لوچ‘ سندس وفات کان پوءِ ڇپيو. پيرل فقير 1937ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

18870.00.00  عيسوي

پير محمد 1870ع ۾ خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو


1937.00.00  عيسوي

پير محمد 1937ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايلسا قاضي
غلام سڪينه شيخ
امداد علي سرائي
سڪندر بلوچ
مخدوم سجاد حسين قريشي
محمد حسن جان رحه سرهندي ٽکڙائي
ٿامس مان
راج پٽ چندر برهمڻ
ثاليس
ڄام لاکو ڦلاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون