پير محمود الحسن جان سرهندي: پير محمود الحسن جان سرهندي ولد پير محمد فريد جان 1915ع ڌاري جهرڪ، ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. جتان سندس والد هجرت ڪري پهرين بڇيري (ضلعي نوابشاھہ) ۾ ۽ پوءِ اُتي ئي پنھنجي نالي سان ڳوٺ ٻڌائي رهڻ لڳو. پير محمود الحسن سرهندي شروعاتي تعليم پنھنجي ئي ڳوٺ ۾، پنھنجي والد جي زير نگراني سندس مدرسي مان حاصل ڪئي. پير صاحب ننڍي هوندي کان ذهين هو ۽ راڄ جي ماڻهن سان بهتر وهنوار رکندو هو.
جوانيءَ ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿي، نوابشاھہ ضلعي جي نئشنل گارڊ جي ڪمانڊ سنڀاليائين ۽ ڏينهن رات محنت ڪري تحريڪ کي مضبوط ۽ متحرڪ ڪيائين. علامہ مشرقيءَ سان تمام گهڻي ويجهڙائپ رهيس. آزاديءَ واري تحريڪ دوران مسلم ليگ جي متحرڪ ٿيڻ کان پوءِ سندس سياسي وابستگي مسلم ليگ جي اهم ليڊرن، سيٺ حاجي عبدالله هارون، خانبهادر محمد ايوب کهڙي ۽ سر غلام حسين هدايت ﷲ سان ٿي.
50- 1949ع ڌاري تعلقي ڪوآپريٽو زرعي بئنڪ شھدادپور جو بنياد وڌائين ۽ ان جو باني چيئرمئن بڻيو. ايوب خان جي دؤر ۾ ٻہ ڀيرا صوبائي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهيو، پر ڪامياب نہ ٿي سگهيو. هن 25 جون 1981ع ۾ وفات ڪئي.
1915.00.00 عيسوي
پير محمود الحسن جان سرهندي 1915ع ڌاري جهرڪ ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو
1981.06.25 عيسوي
پير محمود الحسن جان سرهندي 25 جون 1981ع ۾ وفات ڪئي