پير مراد شيرازي: سيد محمد حسين ”پير مراد“ هڪ ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس ولادت 830 ھہ/1426ع ۾ ٿي. سندس باري ۾ ڪيتريون روايتون موجود آهن، جھڙوڪ: ولادت کان اڳ ۾ حقيقت ۽ معرفت جي ڄاڻو شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ ۽ ٻين ﷲ وارن بزرگن سندس ولادت جي خوشخبري ڏني ۽ پنھنجي ارادتمنديءَ جو اظهار ڪيو هو. اها بہ روايت آهي تہ ڄمڻ بعد اکيون نہ کوليائين، پر جڏهن شيخ عيسيٰ لنگوٽي آيو، ان وقت اکيون کوليائين. شيخ عيسيٰ کيس ڏسي چيو تہ: ”هي اهو ئي ماڻهو آهي، جنهن جي مريديءَ لاءِ مون کي انتظار هو.“
’تذڪرة المراد‘ ۾ لکيل آهي تہ جنهن وقت پير مراد شيرازيءَ جي عمر چاليھہ سال ٿي تہ پنھنجي طريقت جو اعلان ڪيائين. هر طرف کان ماڻهو سندس خدمت ۾ آيا ۽ مريديءَ جو هٿ ورتائون. اهڙيءَ طرح سندس بزرگيءَ جي هاڪ شيخ بھاؤالدين زڪريا جي پوٽي شيخ صدرالدين جي ڪنن تائين پهتي. ان هڪ خادم ملتان مان پير مراد کي گهرائڻ لاءِ موڪليو ۽ کير جو ڀريل پيالو بہ گڏ موڪليائنس. جنهن مان شيخ صدرالدين جو مقصد هو تہ جهڙيءَ ريت هي کير جو پيالو ڀريل آهي، اهڙيءَ ريت طريقت ۾ ٻئي جي گنجائش نہ آهي. هڪ ٻي روايت آهي تہ ملتان کان ٺٽي تائين ايتري پنڌ بعد ۾ نہ کير ڦِٽو ۽ نہ ئي هڪ ڦُڙو کير جو پيالي مان ضايع ٿيو.
شيخ صدرالدين جو قاصد ٺٽي شھر ۾ پير مراد وٽ اچي حاضر ٿيو. نياپي پهچائڻ کان پوءِ کير جو پيالو سندس اڳيان رکيائين. پير مراد نماز جي مصلي هيٺان گل کڻي کير جي پيالي ۾ وجهي چيو تہ اسان جي جاءِ خالي آهي. مطلب تہ جيئن کير جي ڀريل پيالي ۾ گل تري رهيو آهي، تيئن اسان بہ پيالي ۾ موجود کير مٿان گل وانگر ترندا رهنداسون. اهڙو جواب ملڻ کان پوءِ شيخ صدرالدين جو قاصد واپس ٿيو ۽ پيرائتو احوال وڃي شيخ صاحب جي خدمت ۾ پهچايائين ۽ اهو پيالو بہ گل سميت سندس پيرن ۾ رکيائين. اها بہ روايت آهي تہ ملتان تائين اهو گل سائو ۽ تازو رهيو. روايتن ۾ اهو بہ اچي ٿو تہ شيخ صدرالدين جي دل ۾ حضرت پير مراد جي ملاقات جو شوق دامنگير ٿيو ۽ سگهوئي ٺٽي اچي پير مراد سان ملاقاتي ٿيو ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ ڏاڍي پريت قائم ٿي وئي.
هڪ ٻي روايت آهي تہ شيخ صدرالدين سندس ڪجهہ ڪرامتون ڏسي چيو هو تہ: ”تون مشائخن جي مراد آهين ۽ توکان ئي مرادون حاصل ٿين ٿيون.“ ان کان پوءِ سيد محمد حسين ”مراد“ جي لقب سان مشھور ٿيو. مسجد صفه پير مراد جي آثارن مان آهي، جيڪا اصل ۾ هڪ مڙهي هئي. پير مراد ان مڙهيءَ کي ڊاهي مسجد ٺهرائي. ڄام نظام الدين سمي (سنڌ جي حڪمران) هندن جي شڪايت تي پنھنجي ڀاڻيجي ڄام مبارڪ، شيخ نٿر، شيخ ماله کي پير صاحب لاءِ موڪليو، پر اهي سندس ارادتمند بنجي پيا.
ڄام نندي (نظام الدين) ان تي ڄام نظام الدين پنهنجو ارادو بدلايو ۽ خود بہ پير مراد جي ارادتمندن ۾ شامل ٿيو. هن بزرگ جا هزارين مريد هئا. سيد مراد 63 سالن جي عمر ۾ 893ھہ بمطابق 1487ع ڌاري وفات ڪئي.
1425.00.00 عيسوي
پير مراد شيرازي جي ولادت 830 هه/1426ع ۾ ٿي
1487.00.00 عيسوي
پير مراد شيرازي 63 سالن جي عمر ۾ 893هه بمطابق 1487ع ڌاري وفات ڪئي