پير مشائخ/ مشاڪ: شاھہ حسڻ/ حسن (تعلقي جوهيءَ) کان ميل کن جيتري مفاصلي تي ڏکڻ اوڀر ۾ منڇر جي پاڻيءَ جي ڪوڙي هيٺ هي قديم آثارن وارو ماڳ، پير مشاڪ/ مشائخ جي مزار سبب مشھور آهي. هن هنڌ مشھور آرڪيالاجسٽ اين جي مجمدار جي کوٽايل ٽن تجرباتي کڏن مان ٻن جون ماپون 10 x10 ۽ 15 x10 فوٽ هيون. هن هنڌ تان ٻين وٿن کانسواءِ ”منڇر ٿانو“ بہ مليا آهن، جھڙا لال ڇتي وٽان مليا آهن. جنهن مان هڪ تہ لال ڇتي ۽ پير مشاڪ وارن ماڳن جي سهيوڳي هجڻ جو پتو پوي ٿو ٻيو تہ مشاڪ جي کوٽائيءَ مان جيڪي پٿر جا پتا مليا آهن، تن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ ٻئي هنڌ ڌاتو پاهڻي (Chilcolithic) دور جا آهن ۽ هنن جاڙين جاين تي ٺڪراٺي جي هڪ نئين روايت ملي ٿي. مشاڪ وٽان سنڌو سڀيتا جي سڃاڻپ واريون وٿون وڌيڪ مليون آهن، ان هوندي بہ سنڌو تھذيب جو عام ڄاتل ٺڪراٺو (ڳاڙهي تي ڪارو) هٿ نہ آيو آهي، ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو تہ سنڌوءَ سان لاڳاپي هئڻ جي باوجود منڇر جي تھذيب پنھنجي انفراديت قائم رکي آهي. ان کان سواءِ بہ ٻيا ماڳ يعني ”ماڙي ڀٽ“ ۽ ”روهندو“ (شيخ ڌمڻ کان اٽڪل ميل کن اڀرندي) منڇر جي پاڻيءَ هيٺ موجود آهن. جن بابت پوري پروڙ نہ آهي ۽ نہ وري انهن جي ڄمار جي ڄاڻ ملي ٿي. گمان غالب آهي تہ هي ٻئي هنڌ بہ مشاڪ ۽ لال ڇتي جا جوڙ ۽ ”منڇر ٿانون“ جا مرڪز آهن. اهي پڪ ئي پڪ مهاڻن جا ماڳ رهيا آهن، جيڪي مغربي مهاڻن وانگر ڍنڍن ۾ جاليندا هئا ۽ پنھنجي مخصوص ثقافت جا مالڪ هئا، جيڪي ٿي سگهي ٿو پٿر يا ڌاتو پاهڻي دور جي پاڻيءَ ۾ کوڙيل يا سٿيل ڪاٺين تي اڏيل گهرن (Pile Dwellings) ۾ رهندا هجن ۽ سندن گذران جون مکيہ شيون مڇي، پکي، ڍانڍي گاھہ ۽ ان جي سرواهي پيداوار (By Product) هجي. هنن ئي ماڻهن کي ”منڇر ٿانون“ جو موجد سمجهڻ گهرجي.