پير مغان: اُهو پيشوا، جيڪو مُريدن ۽ سالڪن کي الاهي عشق جي سُتي پياري. مئخوارن ۽ مئخاني جو تصور آڳاٽو معلوم ٿئي ٿو. غالباً اهو تـصور
سنڌ ۾ ايراني تمدن جي اثر جو يادگار آهي. زردشتي متن جا مهندار ”مغـان“
سڏبا هئا. مئي/ مڌ جو دور سندن رسمن جو حصو هو؛ ۽ ”مـغ“ (مُک) سندن وڏو ساقي ۽ مئخواريءَ جي رسم جو مهندار هو، سنڌي ترڪيب جي لحاظ سان ساقي عورت کي ’مغي‘ چئي سگهجي ٿو ۽ لفظ ’موکي‘ ”مُغـي“ جي بدليل صورت به ٿي سگهي ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾ پيرِ مغان جو لفظ/اصطلاح تمام گهڻو استعمال ٿيو آهي ۽ ان جي اصطلاحي معنيٰ مرشد ۽ رهبر آهي.