پير ميان غلام مجدد: پير صاحب جا وڏا افغانستان کان 1214ھه/ 1799ع ڌاري لڏي اچي مٽيارين جي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳا. سندس خاندان جا مريد اڳي ئي سنڌ ۾ هئا، پر افغانستان ۾ حالتون سازگار نہ ڏسي، سنڌ ۾ هميشہ لاءِ لڏي آيا. سندن خاندان جو مفصل احوال ”عمدة المقامات“ ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي.
پير ميان غلام مجدد 6 رجب 1300ھه مطابق، 20 مئي 1889ع تي مٽياري شھر ۾ ڄائو. هن ديني تعليم مولوي حاجي حسن ﷲ پاٽائيءَ کان مٽياريءَ ۾ ورتي ۽ ان وٽ ئي تحصيل ڪري، دستاربند ٿيو. ان کان پوءِ 1321ھه/ 1903ع ۾ بيت ﷲ'>حج بيت ﷲ ۽ زيارت نبويءَ لاءِ حجاز ويو ۽ خيريت سان موٽي آيو. سندس والد خواجہ عبدالحليم مجددي، 1331 ھہ/ 1913ع ۾ وفات ڪئي. جنهن کان پوءِ وڏي فرزند هئڻ ڪري سجادہ نشينيءَ جي دستار ٻڌائي وئي. ابتدائي وقت مذهبي تبليغ ۽ تعليم جي اشاعت ۾ وقت گذاريائين. جڏهن 1920ع ۾ خلافت تحريڪ شروع ٿي، تہ ان تحريڪ ۾ دلچسپي وٺي، خلافت ڪانفرنس جي جلسن ۾ تقريرون ڪيائين. هن تنظيمي طور هڪ ٻہ ڪانفرنسون بہ ڪوٺايون. پير سرهندين سان گڏ ان وقت سنڌ جي مکيہ پيرن مان پير صاحب جهنڊي وارن، راشدي پيرن، مولانا تاج محمود امروٽي، مولوي غلام احمد ملڪاڻي ۽ ڪاماري شريف وارن پيرن بہ هن هلچل ۾ ڀرپور حصو ورتو. ان دور ۾ جوش ۽ جذبي واريون تقريرون ٿينديون هيون، ان ڪري ڪيترا ڪارڪن جيلن ۾ بہ ويا. ان ڏِس ۾ پهرين جن سنڌي پيرن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس هلايا ويا، تن ۾ پير محبوب شاھه (جهنڊي واري پير رشدالله جو ننڍو ڀاءُ) ۽ پير تراب علي شاھ راشدي هئا. ٻيا پير مولوي فيض الڪريم جي جاري ڪيل تُرڪ خلافت خلاف فتويٰ تي صحيحون ڪري وڏي بدناميءَ جو باعث بڻيا هئا، پر سنڌي پيرن مان پير مجدد پهريون پير هو، جنهن 8 کان 10 جولاءِ 1921ع تي، ڪراچيءَ ۾ مولانا محمد علي ”جوهر“ جي صدارت هيٺ ڪوٺايل خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي، ان ۾ پاس ٿيل ٺهراءُ کي ٽيڪو ڏنو، جنهن ۾ مسلمانن کي انگريزي فوج ۾ ڀرتي نہ ٿيڻ لاءِ چيو ويو هو. ان سلسلي ۾ کيس مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي، مولانا حسين احمد مدني، مولانا نثار احمد ڪانپوري، ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو، شنڪر آچاريا ۽ تيرٿداس وينڪٺ رامن سان گڏ، ٻہ سال جيل جي سزا ڪاٽڻي پئي. هن جنهن استقلال سان رتناگري جيل ۾ اها سزا ڪاٽي، تنهن کيس آل انڊيا شھرت جو مالڪ بنائي ڇڏيو. جيل ۾ هن قرآن شريف ياد ڪيو. ان کان پوءِ مختلف سياسي ۽ سماجي تحريڪن ۾ حصو وٺندو رهيو. جڏهن ڪانگريس کان ڪي سياسي ڪارڪن ڌار ٿيا تہ هي بہ جدا ٿي وڃي، مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. آخري وقت ۾ حيدرآباد ۾ رهندو هو ۽ سيد علي اڪبر شاھه سان گڏجي، جامعہ عربيه مدرسو برپا ڪرايائين. پير صاحب عربيءَ جو وڏو عالم هو، مذهبي معاملن ۾ ماهر، خوش خلق، مهمان نواز، عوام سان لاڳاپو رکندڙ ۽ سمجهدار بزرگ هو. خلق جي خدمت پنھنجي زندگيءَ جو مقصد ڪري ڇڏيو هئائين. سائين جي. ايم سيد سان سندس خلافت جي ڏينهن ۾ واقفيت ٿي، سندن آخري وقت تائين دوستاڻا تعلقات رهيا. 16 جمادي الثاني 1377 مطابق جنوري 1958ع ۾ وفات ڪيائين.