پير مٺا سائين (حضرت خواجہ محمد عبدالغفار): حضرت خواجہ عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين ضلعي ملتان جي شھر جلالپور پير والا ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ لنگر شريف ۾ جنم ورتو. سندس خاندان علمي ۽ ادبي گهراڻو هو. سندس وڏن مان ڪيترا عالم ٿي گذريا هئا. سندس نسلي سلسلو پير چنڙ جي ڀاءُ محمد اويس رحمة ﷲ سان ملي ٿو، جنهن جو اولاد چنڙ قبيلي سان مشھور آهي. پير مٺا سائين اهلبيت جو وڏو عالم هو. نقشبندي قادري چشتي ۽ سھروردي سلسلن جو تاجدار هو. کيس پنھنجي مرشد حضرت فضل علي قريشيءَ سان گهڻي عقيدت ۽ محبت هوندي هئي، هن تبليغ دين لاءِ سنڌ ڌرتيءَ تي فضلي، نقشبندي، مجددي فيض عام ڪرڻ لاءِ پنھنجي مرشد کان اجازت وٺي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اصلاح شروع ڪيو، سنڌ جي شهرن، توڙي ڳوٺن، ۾ پنهنجا مرڪز قائم ڪيائين، هن طرفان قائم ڪيل بيشمار ديني تبليغي مرڪز سندس فيض ۽ محنت جو مثال آهن. هن وقت سندس 140 خليفا آهن، جيڪي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ديني خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن، پير مٺا سائينءَ شاعري پڻ ڪئي آهي، جنهن ۾ حمد و نعت، مناجات، منقبت شامل آهن. پاڻ پنهنجو آخري آستانو لاڙڪاڻي شھر جي محلي رامپور ۾ قائم ڪيائين، جيڪو پوءِ رحمت پور بڻجي ويو. 58 سالن جي ڄمار ۾ 1384ھہ مطابق 1964ع ۾ وفات ڪيائين. هر سال 8 شعبان تي سندس درگاھہ رحمت پور ۾ ساليانو عرس ٿيندو آهي.