
پير نبي شاهه بخاري رح
پير نبي شاھہ بخاري رح: هن بزرگ جي مزار نبي شاھہ محلي، شڪارپور ۾ آهي. فقيرن مطابق هي بزرگ مديني شريف کان تبليغ جي واسطي شڪارپور ۾ آيو. مزار جي لڳ جامع مسجد آهي، جيڪا بہ سندس نالي سان سڏجي ٿي. چيو وڃي ٿو تہ هن بزرگ اها مسجد تعمير ڪرائي، جنهن ۾ ويهي درس تدريس ۽ تبليغ جو ڪم ڪندو هو.
رجب مهيني جي 13 تاريخ تي هر سال سندس مزار تي ٽي ڏينهن ميلو لڳندو آهي، وچينءَ ڌمال تي سيد حاجن شاھہ ماڙيءَ وارو پڻ ايندو آهي. هن ميلي ۾ لنگر ۽ نياز سان گڏ راڳ جي محفل پڻ ٿيندي آهي، جنهن ۾ فنڪار عارفاڻو ڪلام ڳائيندا آهن.
حضرت پير نبي شاھہ بخاريرح جون ڪيئي ڪرامتون مشھور آهن. پاڻ عالم ۽ ولي هو. سندس مزار جي پويان سندس ڀيڻ بيبي سانئڻ جي مزار آهي. مزار جي سامهون ٿلهي تي سندس فقير ٺڪر شاھہ بادشاھہ جي مزار آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اهو بہ ساڻس گڏ آيو هو.
هن بزرگ جي نالي جي نسبت سان هي محلو ئي نبي شاھہ محلو سڏجي ٿو. محمد اسحاق عرف دادن فقير ٿھيم هن مزار جو خاص خدمتگار هو، جيڪو تازو 17 فيبروري 2011ع ۾ گذاري ويو آهي.