پير، نظام الدين سرهندي: خواجہ پير نظام الدين سرهنديءَ جي ولادت 1204ھہ/ 1789ع ۾ پشاور ۾ ٿي. نظام الدين سرهنديءَ جو والد پير غلام محي الدين پنهنجن ٻن پٽن نظام الدين ۽ فدا محي الدين سان گڏ پهريون دفعو 1205ھہ مطابق 1790ع ۾ جڏهن شڪارپور ۾ آيو تہ اُن وقت شڪار پور جوگورنر نواب مولا داد افغان هو، جيڪو سندس ڏاڍو معتقد هو. ان کانپوءِ خواجہ غلام محي الدين پشاور موٽي ويو. جڏهن پشاور تي سکن جو غلبو ٿيو تہ هيءَ بزرگ پنهنجن ٻنهي پٽن ۽ خاندان سميت ٻيهر 1221ھہ (1806ع) ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ هتي اچي مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. خواجہ محي الدين 1244ھہ/ 1828ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار حيدرآباد شھر جي سرفراز ڪالوني ۾ آهي.
پير نظام الدين سرهندي شڪارپور ۾ علويه خاندان جي سراءِ ۾ قيام پذير رهيو. سندس وفات رجب مهيني 1273ھہ مطابق 1856ع ۾ سندس مريد مخدوم محمد صالح وزير آباد واري مرشد جي وفات تي هڪ ڪتاب ”قطع تاريخ ديوان صالح“ لکيو. جنهن ۾ 73 صفحا آهن، ۽ ان ڪتاب ۾ 76 فارسي ۽ 3 عربي قطعه تاريخون آهن. هن ديوان جو 1313ھہ جو لکيل هڪ نسخو ڳڙهي ياسين جي علم دوست شخصيت آغا بدرالدين خان دراني مرحوم جي ڪتبخاني ”ڪاشانه ادب“ ۾ موجود آهي. پير نظام الدين کي 9 پٽ ۽ 2 نياڻيون پيدا ٿيون. سندس ڇھن پٽن جو اولاد شڪارپور، حبيب ڪوٽ، ڪرن ڳوٺ، ماتلي ۽ راڌڻ ۾ رهي ٿو. سندس تصنيفن مان هيٺئين چئن جا نالا معلوم ٿي سگهيا آهن:
(1) اسرار رموز نقشبنده، (2) مخمس ڪريما، (3) قلمي بياض (مملوڪه پير خليل احمد) ۽ (4) ڪتاب معد الانوار. سندس مزار لکيدر شڪارپور وٽ واقع آهي