پير نعمت ﷲ قريشي: پير نعمت ﷲ قريشيءَ پهرين اپريل 1920ع مطابق رجب 1338ھہ خميس ڏينهن هڪ ننڍي ڳوٺ بالو لاشاري لڳ بوبڪ اسٽيشن، تعلقي سيوهڻ ۾ جنم ورتو، سندس والد ميان جان محمد قريشي علوي انهيءَ ڳوٺ ۾ ئي درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندو هو، کيس
بنيادي تعليم لاءِ ويجهي ڳوٺ ڳنڀير جي هڪ اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جتي دنيوي تعليم سان گڏ ديني تعليم حاصل ڪيائين، بعد ۾ ڦَڪا اسڪول ۾ داخل ٿيو، والد جي وفات کان پوءِ ڳوٺ بالو لاشاري ۾ پهچي والدہ جي خدمت ۾ اچي رهيو، بعد ۾ چوهڙپور ڳوٺ جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي ستين ڪلاس جو امتحان پاس ڪيائين، چڪ پراڻي تعلقي دادو جي هڪ درسگاھہ ۾ معلم جي حيثيت سان ملازمت جي شروعات ڪيائين، جتي پرائمري تعليم ڏيندو رهيو، ملازمت دوران توحيد جي تبليغ بہ ڪندو رهيو. صوفي بزرگ حضرت ڇتن شاھہ جي صحبت اختيار ڪيائين، ان کان سواءِ ٻي بيعت پير سيد خادم حسين شاھہ قادري ملتانيءَ جي ڪيائين، ٽين بيعت ڪامل بزرگ لڪياري سيد نظر محمد شاھہ ناصريءَ واري جي ڪيائين. سندس وفات 15 نومبر 1994ع بمطابق 11 جمادي الثاني 1415ع تي ٿي ۽ سندس آخري آرامگاھہ گهر جي اڳيان مسج جي ڏکڻ ۾ آهي، جتي شاندار مقبرو اڏيل آهي. سندس اڪيلو پٽ هن وقت گادي نشين آهي. پير صاحب جا مريد سنڌ پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان کان سواءِ ٻاهرين ملڪن ۾ بہ آهن، جيڪي هر سال سندس ٻارهينءَ تي شريڪ ٿيندا آهن.