پير نور شاھہ هاشمي: الحاج سيد پير نور شاھہ ولد سيد بقادار شاھہ هاشمي، 1940ع ۾ مٽياري شھر ۾ پيدا ٿيو. مٽياري شھر جي ترقيءَ لاءِ سندن ڪوششون تعريف لائق آهن. سندن گهراڻو مذهبي اهميت کانسواءِ هميشہ کان سياسي اهميت جو حامل بہ رهيو آهي. سندن چاچي سيد پير الهيار شاھہ'>الحاج سيد پير الهيار شاھہ هاشميءَ کان سواءِ سندس والد سيد پير بقادار شاھہ هاشميءَ جو بہ سياست سان گهرو واسطو رهيو آهي، جيڪو سنڌ جي بمبئيءَ سان الحاق واري دور ۾ بمبئي اسيمبليءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي پاران پيپلز پارٽيءَ جي تنظيم ڪاريءَ کان اڳ ٻنهي جي گهري دوستي هئي. جيڪو رشتو سندس والد سيد پير بقادار شاھہ ۽ ڀٽي جي والد سر شاهنواز ڀٽي جي وقت کان قائم هو. ان ڪري جڏهن ڀٽي صاحب پيپلز پارٽيءَ جي تنظيم ڪاري شروع ڪئي تہ مشڪل سياسي حالتن ۽ وڏيءَ عمر جي باوجود سيد بقادار شاھہ مـٽياريءَ واري علائقي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي تنظيم ڪاريءَ ۾ سندس وڏي مدد ڪئي. ڀٽي صاحب ان وقت چونڊن ۾ سندس وڏي فرزند سيد محمد زمان شاھہ کي پيپلز پارٽيءَ پاران بيهارڻ جو وعدو ڪيو هو، پر پوءِ ڪن سياسي مصلحتن سبب کيس اهو فيصلو بدلائڻو پيو. ان کان پوءِ سيد محمد زمان شاھہ مرحوم سياست کان ڪنارہ ڪش ٿي ويو، پر ان هوندي بہ هن خاندان جو ڀٽي صاحب ۽ سندس جماعت سان ناتو اڄ تائين قائم آهي. 60 واري ڏهاڪي ۾ پير نور شاھہ نوجوانيءَ ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر چونڊجڻ سان پنھنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. 80 جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ کيس شھر جي ٽائون ڪميٽيءَ جو بنا مقابلي چيئرمئن چونڊجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، جنهن تان 1983ع جي ايم. آر. ڊي (تحريڪ) وقت مدي پوري ڪرڻ کان اڳ ئي استعفا ڏئي ڇڏيائين. پير صاحب کي 1990ع ۽ 1993ع وارين چونڊن ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ لاءِ پيپلز پارٽيءَ نامزد ڪيو. سندس پارليامينٽري سياست جو پهريون دور ڄام صادق عليءَ جي ڪري ڪافي ڏکيو گذريو. سندس هڪ فرزند سيد سوڌل شاھہ 2005ع ۾ مٽياري تعلقي جو ناظم ۽ ٻيو فرزند سيد پير اظهر شاھہ 2005ع ۾ يونين ڪائونسل مٽياريءَ جو ناظم رهي چڪو آهي.