پير هدايت ﷲ ٺُلاهي

پير هدايت ٺُلاهي: پير حاجي هدايت ولد محمد ياسين شاھہ راشدي، ڳوٺ پير وڏل شاھہ، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ 1846ع ڌاري ڄائو. هن بزرگ پنھنجي والد کان بيعت ورتي هئي. روضي ڌڻي رحه جي قادري طريقي جو صوفي، جماعت جو مالڪ ۽ وچئين درجي جو عالم هو. کيس ڪتابن جمع ڪرڻ جو وڏو شوق هو. فقہ حنفيءَ جي پابنديءَ سان گڏ اهل حديث ڏانهن لاڙو رکندو هو. پنھنجي والد جي ملفوظات کي، قديم سـنـڌي زبـان ۾، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ جمع ڪيائين ۽ ”رسالو ارشاد الطالبين“ مصنف پير محمد ياسين جو، تحت الفظ ترجمو ڪري ڇپايائين، جنهن ۾ قادري طر يقي ۽ سلوڪ جا خيال شامل آهن. حاجي هدايت شاھہ راشدي ٺُلاهي، لاڙڪاڻي ۾ اربع جي ڏينهن 18 ربيع الثاني 1325ھہ/1907ع ۾ وفات ڪئي. پير صاحب فارسي، سنڌي، سرائڪي ۽ بروهڪي زبان جو شاعر بہ هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو