پير پرڏيهي

پير پرڏيهي: سيد ابراهيم شاھہ معروف پير پرڏيهي بلڙيءَ جو رهاڪو وڏو ولي، عامل ۽ صاحب ڪرامت (بزرگ) ٿي گذريو آهي، جنهن جي قبر بلڙيءَ ڀرسان واقع آهي، مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ ۾ پير پرڏيهيءَ سان وابستہ هڪ واقعو لکيو آهي، جيڪو عقل کان بعيد آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي تہ هن بزرگ جي مزار ڀرسان گهاٽا وڻ هوندا هئا، جن جي پنن کي هٿ لائڻ سان ماڻهو ۽ ساهوارا مري ويندا هئا، پر شاھہ ڪريم جي دعا سان اهو عمل بند ٿي ويو. سيد ابراهيم شاھہ معروف پير پرڏيهي جي مزار بلڙيءَ جي ڳوٺ جي آسپاس آهي.


لفظ پير پرڏيهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو