پير پٺو

پير پٺو: بزرگ پير پٺي جو نالو حسن بن راڄپار بن لاکو بن سخيره هو. پاڻ 560ھہ/1164ع ۾ ڄائو هو. (تحفة الطاهرين)، جيڪو پير پٺي ديوليءَ يا ديبليءَ جي نالي سان بہ مشھور آهي. هن درويش بابت حديقة الاولياءِ ۽ تحفة الڪرام ڪتابن ۾ گهڻو ڪجهہ لکيو ويو آهي. شيخ پٺو (پير آري) ڪُنيت ابوالخير، لقب شاھہ عالم ۽ ذات جو ”اُپلاڻ“ هو. سندس والدہ جو نالو سلطاني ڌيءَ مراد بنت شرفو هو، جيڪا شيخ بھاءُ الدين ملتانيءَ جي مريدياڻين مان هڪ هئي. جنهن 666 ھہ/ 1267ع ۾ وفات ڪئي. روايت اها بہ آهي تہ پير پٺو، شيخ سعدي شيرازيءَ جو همعصر هو.
پير پٺو، پنھنجي دور جو وڏو اهل درويش ٿي گذريو آهي. هن وقت جتي سندس مقبرو آهي، اتي هڪ غار ۾ جي عبادت ۾ مشغول رهندو هو. هو خلوت پسند هو ۽ آباديءَ جو رخ گهٽ ڪندو هو. روايت موجب هڪ ڏينهن شيخ بھاءُ الدين ملتاني ۽ قلندر لعل شھباز سير سفر دوران ان پهاڙ وٽ اچي ڪجهہ دير آرام ڪيو، جتي پير پٺي شيخ بھاءُ الدين کان ذڪر جي تلقين ورتي ۽ قلندر لعل شھباز جو بہ عقيدتمند بڻيو.
تاريخي حوالي سان ڏٺو وڃي تہ پير پٺو سومرن جي دور جو درويش هو. جڏهن چنيسر، راڄ ۽ ڀاءُ دودي سومري خلاف دانهين ٿي علاؤ الدين خلجيءَ وٽ ويو هو تہ ان موقعي تي دودي سومري پير پٺي سان ملاقات ڪئي هئي. اهو عرصو 644 ھہ/1246ع جو چيو وڃي ٿو. پير پٺي جي وفات 646 ھہ مطابق 1248ع ۾ ٿي هئي. سمن جو قبرستان اول ۾ پير پٺي تي هو، جيڪو بعد ۾ ساموئي ديھہ ۾ ڪيو ويو. تاريخ ۾ ذڪر اچي ٿو تہ 777 ھہ/1375ع ڌاري ٺٽي ۾ چار سؤ درگاهون هيون، جن ۾ پير پٺي جي درگاه سر فهرست هئي.
پير پٺي جي درگاه جي زيارت لاءِ هندو توڙي مسلمان عقيدتمند ايندا آهن. هندو هن کي راجا گوپيچند سمجهي پوڄا ڪندا آهن. 19 صديءَ جي شروعاتي ويهن سالن کان هر سال ربيع الاول جي 12 تاريخ تي وڏي ڌام ڌوم سان هتي ميلو لڳندو رهيو آهي. پير پٺي جي دستار مبارڪ ميلي جي ڏينهن تي، درگاھہ جو متولي پائي، خانقاھہ کان وٺي مناري تائين ويندو آهي ۽ سڀ مرد مريد خادم سندس پٺيان هلندا ويندا آهن. هن درگاھہ تي ٽالپرن جي دور ۾، ٺٽي جو نواب پنھنجي خرچ تي ٽن ڏينهن جي کاڌ خوراڪ موڪلي ڏيندو هو، جيڪا سڀ زيارتي کائيندا هئا.


لفظ پير پٺوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1164.00.00  عيسوي

پير پٺو 560هه/1164ع ۾ ڄائو هو


1248.00.00  عيسوي

پير پٺي جي وفات 646 هه مطابق 1248ع ۾ ٿي هئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حيات سنڌي ڊاڪٽر
آخوند محمد حيات حاتم
راجا رفيق پنهور
چارلي چپلن (Charlie Chiplin)
چوڌري خليق الزمان
ڀَلو ڳاھو
جارج ايليٽ
جي جي مور
خواجہ محمد سعيد
فريد الدين بقائي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون