پير پٺو: بزرگ پير پٺي جو نالو حسن بن راڄپار بن لاکو بن سخيره هو. پاڻ 560هه/1164ع ۾ ڄائو هو. (تحفة الطاهرين)، جيڪو پير پٺي ديوليءَ يا ديبليءَ جي نالي سان به مشهور آهي. هن درويش بابت حديقة الاولياءِ ۽ تحفة الڪرام ڪتابن ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. شيخ پٺو (پير آري) ڪُنيت ابوالخير، لقب شاهه عالم ۽ ذات جو ”اُپلاڻ“ هو. سندس والده جو نالو سلطاني ڌيءَ مراد بنت شرفو هو، جيڪا شيخ بهاءُ الدين ملتانيءَ جي مريدياڻين مان هڪ هئي. جنهن 666 هه/ 1267ع ۾ وفات ڪئي. روايت اها به آهي ته پير پٺو، شيخ سعدي شيرازيءَ جو همعصر هو.
پير پٺو، پنهنجي دور جو وڏو اهل الله درويش ٿي گذريو آهي. هن وقت جتي سندس مقبرو آهي، اتي هڪ غار ۾ الله جي عبادت ۾ مشغول رهندو هو. هو خلوت پسند هو ۽ آباديءَ جو رخ گهٽ ڪندو هو. روايت موجب هڪ ڏينهن شيخ بهاءُ الدين ملتاني ۽ قلندر لعل شهباز سير سفر دوران ان پهاڙ وٽ اچي ڪجهه دير آرام ڪيو، جتي پير پٺي شيخ بهاءُ الدين کان ذڪر جي تلقين ورتي ۽ قلندر لعل شهباز جو به عقيدتمند بڻيو.
تاريخي حوالي سان ڏٺو وڃي ته پير پٺو سومرن جي دور جو درويش هو. جڏهن چنيسر، راڄ ۽ ڀاءُ دودي سومري خلاف دانهين ٿي علاؤ الدين خلجيءَ وٽ ويو هو ته ان موقعي تي دودي سومري پير پٺي سان ملاقات ڪئي هئي. اهو عرصو 644 هه/1246ع جو چيو وڃي ٿو. پير پٺي جي وفات 646 هه مطابق 1248ع ۾ ٿي هئي. سمن جو قبرستان اول ۾ پير پٺي تي هو، جيڪو بعد ۾ ساموئي ديهه ۾ ڪيو ويو. تاريخ ۾ ذڪر اچي ٿو ته 777 هه/1375ع ڌاري ٺٽي ۾ چار سؤ درگاهون هيون، جن ۾ پير پٺي جي درگاه سر فهرست هئي.
پير پٺي جي درگاه جي زيارت لاءِ هندو توڙي مسلمان عقيدتمند ايندا آهن. هندو هن کي راجا گوپيچند سمجهي پوڄا ڪندا آهن. 19 صديءَ جي شروعاتي ويهن سالن کان هر سال ربيع الاول جي 12 تاريخ تي وڏي ڌام ڌوم سان هتي ميلو لڳندو رهيو آهي. پير پٺي جي دستار مبارڪ ميلي جي ڏينهن تي، درگاهه جو متولي پائي، خانقاهه کان وٺي مناري تائين ويندو آهي ۽ سڀ مرد مريد خادم سندس پٺيان هلندا ويندا آهن. هن درگاهه تي ٽالپرن جي دور ۾، ٺٽي جو نواب پنهنجي خرچ تي ٽن ڏينهن جي کاڌ خوراڪ موڪلي ڏيندو هو، جيڪا سڀ زيارتي کائيندا هئا.
1164.00.00 عيسوي
پير پٺو 560هه/1164ع ۾ ڄائو هو
1248.00.00 عيسوي
پير پٺي جي وفات 646 هه مطابق 1248ع ۾ ٿي هئي