پير پٺو مسجد
پير پٺو مسجد: ٺٽي ضلعي ۾ پير پٺي جي مزار جي سامهون مٿاهين تي اڏيل هيءُ مسجد ’محمد بن قاسم جي مسجد‘ جي نالي سان سڏجي ٿي. پر ان تي اهڙي ڪا به لکت ڪتبو وغيره ڪونه آهي. اصل ۾ هتي ٻه مسجدون هڪ حاطي اندر ٺهيل آهن. حاطو اوڀر اولهه 180 فوٽ ۽ ڏکڻ اتر 160 فوٽ ماپ جو آهي. پراڻي مسجد اتر پاسي آهي. ٻئي مسجدون بلڪل گڏ آهن. ائين لڳندو ڄڻ هڪڙي ئي دور جي هڪ ئي عمارت آهي. پر غور ڪبو ته تعميراتي نڪته نگاهه کان ٻنهي ۾ واضح فرق نظر ايندو. ٻي جوڙيل مسجد شريف انهيءَ سان محلق ڏکڻ ۾ آهي. اتر واري مسجد ۾ ٽي ونگاوان دروازا آهن. وچون دروازو جنهن کي وڏي ونگ ڏنل آهي. اهو ٻين ٻن کان وڏو آهي. ٻئي پاسي اتر واري مسجد جا لنگهه ننڍا آهن. کين ونگن وٽ پانيل جوڙيل آهن. دروازو چوڪور چوڪٺ ۾ نسب ٿيل آهي. ڏکڻ واري مسجد تي ٽي گنبذ تعمير ٿيل آهن. ٻنهي مسجدن جي جوڙجڪ خضري مسجد جهڙي آهي. جيئن ان ۾ نمازي حجرو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، اتي وچون حجرو وڏو ۽ پاسن ۾ ٻه ننڍا حجرا آهن. وچين حجري ۾ ڪمانن سان محراب ٺهيل آهي. بلڪل ساڳي طرز هتي به ملي ٿي. هتي پراڻي مسجد جو محراب ونگن سان آهن. جڏهن ته پوئين دور جي مسجد جو محراب سادو آهي. ٻئي مسجدون جنهن جاءِ تي گڏجن ٿيون، اتي ڏاڪڻ ٺهيل آهي. جيڪا مٿي ڇت ڏانهن وڃي ٿي. اتر ڏکڻ جي ڪنڊ وٽ، اڳوڻي مسجد جي حاطي جي لنگهه وٽ گول منارو ٺهيل آهي، جيڪو ٻه ماڙ آهي. انهي کي ماڻهو بندرگاهه جو ٻلاٽو سمجهندا آهن. هڪ نظر ۾ لڳندو به ائين جو ڃڻ منارو درياهه جي ڪنڌيءَ تي ٺهيل آهي ۽ پهريداريءَ لاءِ هجي پر هي اصل ۾ مؤذن جي اذان ڏيڻ جو منارو آهي. هيٺ اندران ڏاڪا ٺهيل آهن. جيڪي ٻي ماڙ تائين وڃن ٿا. مينار جو بنياد گچ گاري سان لنبيل آهي. ميناري جي ٻي منزل تي پلويڙا به لنبيل آهن. صفا چوٽي تي هڪ گول ابتي ڇٽيءَ وانگر گنبذ ٺهيل آهي. مسجد جي اندران ٻاهر وڃڻ لاءِ ونگائون دروازو نڪري ٿو. انهيءَ دروازي جي مٿان ڪاٺ جي بالڪوني ٺهيل هئي، جيڪا هاڻي ڪانهي، صرف بالڪوني جي جهلن جا نشان ملن ٿا. ايڏي وڏي مناري سان هن تر ۾ ڪا به مسجد ڪانه آهي. توڙي جو هاڻي زبون حاليءَ جو شڪار ٿي وئي آهي. ڪاشيءَ جون سرون لهي ويون آهن. جيڪي آهن اهي به لهسجي ويون آهن. هن جهڙي مسجد مير معصوم 1003هه/ 1594ع ۾ سکر ۾ جوڙائي هئي.