پير پڌرو: هيءُ بزرگ تعلقي جيڪب آباد جي ڳوٺ ڊاڊ دڙي ۽ ريلوي اسٽيشن چانگ جي ڀرسان دفن ٿيل آهي. 1942ع ۾ جڏهن ضلعي جيڪب آباد ۾ وڏي ٻوڏ آئي تہ سمورا علائقا ٻڏي ويا پر پير پڌري واري قبر ۽ ان جي آسپاس وارو وڏو علائقو پاڻيءَ کان بچيل رهيو. حالانڪہ اتي ڪو دڙو وغيرہ بہ ڪو نہ هو. پير پڌري جي عرس لاءِ ڊاڊ دڙي جي سيدن مان سيد عبدالمجيد شاھہ ۽ سيد لطف علي شاھہ، هر سال مارچ مهيني ۾ وڏي پيماني تي ميلو منعقد ڪرائيندا رهن ٿا.