پير ڀلڻ شاھہ جيلاني: پير ڀلڻ شاھہ، ڏهين صدي هجريءَ جي بزرگ شاھہ اسماعيل رح جي اولاد مان ٿي گذريو آهي، جنهن 1895ع ڌاري نورائي شريف ۾ جنم ورتو. گهڻي تعليم ڪا نہ هئس، پوءِ بہ وٽس قيمتي ڪتابن جو وڏو ذخيرو هو. هيءَ هڪ ئي وقت شاھہ شھاب الدين ۽ شاھہ اسماعيل جي درگاهن جو تيرهون سجادہ نشين هو، ان ڪري سندس پري پري وڏو اثر رسوخ هو. هن جا وقت جي حڪمرانن سان سٺا لاڳاپا هئا. شڪار جو بہ شوقين هو ۽ درگاھہ جي سالياني ميلي تي ملاکڙي ۽ راڳ رنگ جون محفلون لڳرائيندو هو. هن چار شاديون ڪيون، پر اولاد ڪو نہ ٿيس. 4 جنوري 1947ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار نورائي شريف ۾ آهي.