پير ڇٽو: پير ميان لال ڇُٽو شاهه وجيهه الدين جو پٽ ۽ شاهه جيعل جو مريد هو، جيڪو مشهور الله وارو بزرگ هو. سندس مزار ٺٽي جي اڀرندي طرف وڏي هاڪ رکندي هئي. مير علي شير قانع لکيو آهي ته هن بزرگ جو ظهور ڪيترن ئي شهرن ۾ بلڪ خود ٺٽي ۾ پڻ ٻن ٽن جاين تي هو. انهن مان هڪڙي ٺٽي جي الهندي طرف تندسر چشمي جي ڪناري تي هئي. ڪن جي چوڻ موجب هيءُ (تندسر جي ڪناري وارو) بزرگ ساڳئي نالي سان ٻيو بزرگ هو، جنهنڪري ان تي ڌار ميلو لڳندو هو. هي چشمو ۽ ان جي نسبت وارو پاڙو ٺٽي شهر جي اولهه طرف هو. پاڙي سان لاڳو شهر کان ٻاهر پير ڇٽي جي مزار جو ذڪر شيخ اعظم ڪيو آهي. پير ڇٽي لاءِ روايت آهي ته سمن ڄامن جي وقت ۾ جڏهن ساموئي آباد هئي ۽ ٺٽي واري سرزمين ۾ باغ ئي باغ هئا، ان زماني ۾ پير ڇٽو بيت الله'>حج بيت الله جي زيارت ڪري موٽيو ۽ قلندراڻي لباس ۾ سير ڪندو هنن فرحت بخش باغن ۾ اچي ترسيو ۽ خدا جي ذڪر ۾ مشغول رهيو. اتفاق سان ڪنهن سمي ڄام جي نياڻي به بـاغ جـي سيـر تفـريـح تي ايـنـدي هئي ۽ اها پيـر صاحـب جـي عقيدت مند ٿي پئي. ڪن فتني باز ماڻهن اها ڳالهه وڌائي وڃي ڄام کي ٻڌائي، جنهن سچ ۽ ڪوڙ جو جائزو وٺڻ بدران ڪن ماڻهن کي چاڙهي مـوڪليـو، جـن هـن بـزرگ کي اچي شهيـد ڪيـو. سـندس قـبـر بـاغ ۾ شـهـادت واري جـاءِ تـي موجود آهي.