پير ڇٽو: پير ميان لال ڇُٽو شاھہ وجيھہ الدين جو پٽ ۽ شاھہ جيعل جو مريد هو، جيڪو مشھور ﷲ وارو بزرگ هو. سندس مزار ٺٽي جي اڀرندي طرف وڏي هاڪ رکندي هئي. مير علي شير قانع لکيو آهي تہ هن بزرگ جو ظھور ڪيترن ئي شهرن ۾ بلڪ خود ٺٽي ۾ پڻ ٻن ٽن جاين تي هو. انهن مان هڪڙي ٺٽي جي الهندي طرف تندسر چشمي جي ڪناري تي هئي. ڪن جي چوڻ موجب هيءُ (تندسر جي ڪناري وارو) بزرگ ساڳئي نالي سان ٻيو بزرگ هو، جنهنڪري ان تي ڌار ميلو لڳندو هو. هي چشمو ۽ ان جي نسبت وارو پاڙو ٺٽي شھر جي اولھہ طرف هو. پاڙي سان لاڳو شھر کان ٻاهر پير ڇٽي جي مزار جو ذڪر شيخ اعظم ڪيو آهي. پير ڇٽي لاءِ روايت آهي تہ سمن ڄامن جي وقت ۾ جڏهن ساموئي آباد هئي ۽ ٺٽي واري سرزمين ۾ باغ ئي باغ هئا، ان زماني ۾ پير ڇٽو بيت ﷲ'>حج بيت ﷲ جي زيارت ڪري موٽيو ۽ قلندراڻي لباس ۾ سير ڪندو هنن فرحت بخش باغن ۾ اچي ترسيو ۽ خدا جي ذڪر ۾ مشغول رهيو. اتفاق سان ڪنهن سمي ڄام جي نياڻي بہ بـاغ جـي سيـر تفـريـح تي ايـنـدي هئي ۽ اها پيـر صاحـب جـي عقيدت مند ٿي پئي. ڪن فتني باز ماڻهن اها ڳالھہ وڌائي وڃي ڄام کي ٻڌائي، جنهن سچ ۽ ڪوڙ جو جائزو وٺڻ بدران ڪن ماڻهن کي چاڙهي مـوڪليـو، جـن هـن بـزرگ کي اچي شهيـد ڪيـو. سـندس قـبـر بـاغ ۾ شـهـادت واري جـاءِ تـي موجود آهي.