پير کٿوريو: پير کٿوريو ٺٽي جو هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي، جڏهن نواب شريف الملڪ (37-1035) ٺٽي جو نواب هو، تہ ان جو هڪ خاص ملازم سورج مل، پير کٿوريي جي پاڙي ۾ رهندو هو ۽ هميشہ پير صاحب سان پيو کَهندو هو. هي بزرگ هميشہ عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندو هو. روايت آهي تہ هڪ ڀيري هن جي هڪ ملازم هزار اُٺن ساڻ اچي، اچي هن بزرگ جي ويجهو پنهنجو ٿاڪ ڄمايو ۽ بزرگ کي رنجائڻ ۽ ايذائڻ لڳو. جڏهن بزرگ کي گهڻو تنگ ڪيائين تہ ماڻهن نواب کي وڃي دانهن ڏني، پر نواب مغروريءَ سبب ساڻس ڪو انصاف نہ ڪيو، ان تي نواب جو نوڪر ويتر آڪڙجي ويو ۽ بزرگ کي وڌيڪ تنگ ڪرڻ لڳو، بزرگ کي بہ جوش اچي ويو ۽ زوردار آواز ۾ چيائين تہ: ”ڪو ڏينهن ٿيندو تہ نواب کي ڦاسي ايندي ۽ سندس نوڪر کي کوھہ ۾ اڇلايو ويندو.“ چون ٿا تہ ٻن مهينن کان پوءِ شھزادو شاهجهان، پنھنجي پيءُ کان ڪاوڙجي ٺٽي آيو ۽ نواب سرڪشي ڪري ارڪ جو قلعو بند ڪري سندس مقابلي لاءِ تيار ٿي ويو. شھزادي اها ڳالھہ دل ۾ رکي، کيس سيکت ڏيڻ جو ارادو ملتوي ڪري ڪاوڙ مان موٽي ويو. سگهو ئي شھزادي شاھجھان جو بخت وريو ۽ تخت نشين ٿيو. نواب شريف الملڪ جي اشاري تي سندس ظالم نوڪر جي اُٺ سوار ٺٽي کان درياھہ اڪري، ڦرلٽ ڪري، ٻن ٻانهن کي ماري وڌو. ان تي شھزادي شاھجھان تخت تي ويهڻ سان ئي ٺٽي جي نواب شريف الملڪ ۽ سندس اٺ سوار نوڪر جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو. گرفتاريءَ بعد ٻنهي کي عدالت ۾ حاضر ڪيو ويو ۽ بادشاھہ جي حڪم موجب نواب شريف الملڪ کي ڦاسي ڏني وئي ۽ سندس اُٺ سوار ظالم نوڪر کي جيئرو کوھہ ۾ اڇلايو ويو.
پوئين وقت ۾ کٿوريي بزرگ وٽ مال ملڪيت جي فراوانيءَ جي شڪ هيٺ ڪنهن ماڻهوءَ کيس اڌ رات جو شھيد ڪري وڌو، سندس تربت ڪشمشين جي پاڙي، ٺٽي ۾ آهي.