پير ڪامل شاھہ جو ميلو: حضرت ڪامل شاھہ جو ميلو 5.6.7 ۽ 8 شوال تي ڳوٺ ڇتن شاھہ ۾ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ اٺن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ جو انعامي مقابلو ۽ ملھہ جو مقابلو ٿيندو آهي، جنهن ۾ پهرئين ۽ ٻئي جوڙ جا پهلوان حصو وٺندا آهن. ان کان علاوہ ميلي ۾ سرڪس، موت جو کوھہ، مختلف شين جا اسٽال ۽ دڪان سينگاريندڙن ۾ انعامي مقابلو ٿيندو آهي. ميلي ۾ رڇ ڪتي جي ويڙھہ، ٻارن لاءِ جهولا ۽ راڳ رنگ جي محفل بہ منعقد ٿيندي آهي، جنهن ۾ ريڊيو ۽ ٽي. وي جا مشھور فنڪار پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. هن ميلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارن جي تعداد ۾ مريد ۽ عقيدتمند اچي شريڪ ٿيندا آهن.