پير ڪامل قريشي

پير ڪامل قريشي: پير هارون عرف ڪامل قريشي، عبدالله شاھہ گودڙئي جو رفيق ۽ قلندر لعل شھباز جو خليفو هو. روايت آهي تہ ڪامل جو خطاب قلندر لعل شھباز کان عطا ٿيس ۽ پير ڪامل لاءِ قلندر لعل فرمايو تہ:
’اي هارون قريشي هنوز شما ڪامل ‘شدي‘
يعني: ’هارون قريشي هاڻي اوهان ڪامل آهيو‘. هارون قريشي ڪرامتن وارو بزرگ ۽ اولياءَ ٿي گذريو آهي. عقيدتمندن وٽان روايت آهي تہ بڊام ڍنڍ ۾ جڏهن بہ ٻوڏ ايندي آهي تہ ان ٻوڏ جو پاڻي سموري قبرستان کي ٻوڙي ڇڏيندو هو پر سندس قبر پاڻيءَ جي سطح کان مٿي ٿيندي ويندي هئي. هي بزرگ 1282ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس قبر ضلعي قنبر شھدادڪوٽ جي بڊام ڍنڍ جي ويجهو سندس نالي پٺيان قائم قبرستان ۾ آهي. هن قبرستان ۾ ان کان علاوہ ٻيا بہ ڪيترائي بزرگ مدفن آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو